سکر ميونسپل ڪارپوريشن پاران رٽائرڊ ۽ فوت ٿيل ملازمن جي وارثن ۾ بقاياجات جا چيڪ ورهائڻ جو سلسلو جاري
سکر (رپورٽ:امداد گل ڪلوڙ) سنڌ حڪومت جي ترجمان ۽ ميئر سکر بيريسٽر ارسلان اسلام شيخ جي خاص هدايتن تي سکر ميونسپل ڪارپوريشن جي رٽائرڊ ۽ فوت ٿيل ملازمن جي وارثن ۾ گريجوئٽي ۽ انڪيشمنٽ جا چيڪ ورهائڻ جو سلسلو باقاعدي طور تي جاري آهي.
گذريل رات يو سي چيئرمين احسان لاشاري ۽ ميونسپل ڪارپوريشن جي سينيئر آفيسر عابد علي انصاري رٽائرڊ ۽ فوت ٿيل ملازمن جي وارثن ۾ بقاياجات جا چيڪ ورهايا ، اڪائونٽس آفيسر غلام محمد سولنگي ، ايڊوائيزر آغا بشير پڻ ان سان گڏ هئا.
ان موقعي تي احسان لاشاري جو چوڻ هو ته ميئر سکر پاران رهتن جي فوري ادائيگين جي هدايت تي ماضي ۾ رٽائرڊ آفيسرن ۽ ملازمن جي واجبات جي ادائيگي ڪئي وئي آهي ۽ اهو سلسلو باقاعدي طور تي جاري آهي.هي اهي ميونسپل ملازم آهن
جن پنهنجي خدمت دوران عوام جي بنيادي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو اسان جي ڪوشش آهي ته رٽائرمينٽ کانپوءِ ملازمين کي مالي لحاظ کان ڪا ڏکيائي نه پيش اچي، ميئر سکر بيريسٽر ارسلان اسلام شيخ جي پهرين دور کان هينئر تائين الحمدالله رٽائرڊ ملازمن جي ادائيگي وقت تي ادا ڪئي پئي وڃي ته جيئن ملازمين کي هن مهانگائي ۾ آساني اچي سگهي. هن ملازمن کي خوشگوار طريقي سان پنهنجي مدت پوري ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ شهري مسئلن جي حل ۾ ڪردار ادا ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو.
مَي 24, 2025