سيوهڻ: شاھي بازار ۾ ٿيل تڪرار جو فيصلو نوحاڻي هائوس تي، سردار حاڪم خان نوحاڻي جي سرپنچي هيٺ ٻنهي ڌرين ۾ صلح، ڏوهي اسلم سومرو تي تڏو ۽ ڏنڊ لڳايو ويو
سيوھڻ (رپورٽ: محمد صفر ايم سيوھاڻي) سيوھڻ شھر ۾ڪجھ ڏينهن اڳ شاھي بازار ۾ ٻارڙن جي معمولي ڳالھ تان پاسارڪو دڪان ھلائيندڙ سجاد لاکو مٿان لوھي سرين جا وار ڪري کيس زخمي ڪندڙ اسلم سومرو ۽ متاثر سجاد لاکو جو فيصلو سردار حاڪم خان نوحاڻي جي سرپنچي ھيٺ نوحاڻي ھائوس سيوھڻ ۾ ٿي گذريو،
ھن فيصلي ۾ سردار حاڪم خان نوحاڻي ٻنھي ڌرين جون ڳالهيون ٻڌي لاکا ۽ سومرا برادري جي ٻنھي ڌرين ۾ پيدا ٿيل رنجشون ختم ڪرائي کين ڀاڪر پارايا، جڏهن تـ اسلم سومرو کي ڏوھي ٿيڻ تي تڏو بخشرائڻ ۽ پنجاھ ھزار روپيا ڏنڊ چٽي رکي وئي،ٻنھن ڌرين سردار حاڪم خان نوحاڻي جي فيصلي کي مان ڏيندي فيصلو قبول ڪري ورتو،
جنهن بعد دعاء خير گھري وئي، ھن فيصلي ۾ متاثر ڌر پاران جمشيد علي لاکو، ايڊووڪيٽ منير احمد سومرو، اختر لاکو، استاد علي غلام رضا لاکو، حسنين لاکو، امتياز ڪڇار، خالد لاکو، خالد ٻگھيو ۽ ٻئي ڌر طرفان ايڊووڪيٽ اشفاق احمد سومرو جي اڳواڻي ۾ سومرا برادري جي دوستن شرڪت ڪئي،
ھن فيصلي ۾ سيوھڻ شاھي بازار ايسوسيشن جو صدر سائين علي نواز سولنگي، مير حاجن مير، سائين محمد علي شورو ۽ ٻيا دڪاندار اڳواڻ پڻ موجود ھئا.
مَي 24, 2025