دادو: ڳوٺ يوسف پنهور جي پرائمري اسڪول ۾ شاگردياڻين تي تشدد خلاف امبر پنهور جي دادو پريس ڪلب ۾ فرياد، استاد خلاف انڪوائري جو مطالبو
دادو (رپورٽ؛سرور جلال سولنگي ) دادو لڳ ڦلجي اسٽيشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ يوسف پنهور جي گورنمينٽ پرائمري اسڪول جي شاگردن ۽ شاگردياڻين سان ناروا سلوڪ ۽ مٿن تشدد ڪري اسڪول کان ڪڍڻ واري عمل خلاف چوٿين ڪلاس جي شاگردياڻي امبر ڌيءَ عبدالستار پنهور پنهنجي ڀاءُ رضوان پنھور سان گڏجي دادو پريس ڪلب پهچي وئي،
شاگردياڻي امبر پنھور ميڊيا کي ٻڌايو ته 4 ڏينهن اڳ ماستر الهڏنو پنھور ڏمرجي بلا جواز مون مٿان تشدد ڪيو ۽ گٿا لفظ ڳالهائيا ۽اسڪول کان ڪڍي ڇڏيو، هو ڇوڪرين کي نه پڙهائيندو آهي،
اسان کي مس پڙهائيندي آهي، ماسٽر ڪجهه ڏينهن اڳ ملاح شاگرد تي به تشدد ڪيو هو، انهن کان ماستر ميڙ وٺي معافي ورتي هئي مون ماستر جي دانهن پنهنجي گهر وارن کي ڏني، منهنجو والد عبدالستار، نادر، خادم حسین پنھور اسڪول اچي ماستر سان ڳالهائيو ته ماستر مڇرجي ويو ۽ ڦلجي اسٽيشن ٿاڻي تي مٿن ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو پوليس اسان جي گهرن تي چڙهائيون ڪري رهي آهي،
تشدد جو نشانو بڻيل شاگردياڻي جي ڀاءُ رضوان پنهور تعليم کاتي جي آفيسرن ۽ ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيو ته ته واقعي جي انڪوائري ڪري ڪوڙو ڪيس ختم ڪري ماستر خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي،
مَي 24, 2025