دادو: جيئي سنڌ تحريڪ پاران قومي ڪارڪنن جي شهادتن، گرفتارين ۽ ڪوڙن ڪيسن خلاف احتجاجي مظاهرو
دادو (رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) جيئي سنڌ تحريڪ پاران مورو ۾ قومي ڪارڪنن جي شهادت ۽ دادو ٻرڙا شاخ انڊس هاءِ وي تي پرامن احتجاج دوران لاٺي چارج گرفتارين ۽ ڪوڙن ڪيسن خلاف دادو پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهري جي اڳواڻي جيئي سنڌ تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ڪامريڊ ظفر احمد ڪوريجو ڪئي، جڏهن ته مظاهري ۾ ذوالفقار علي ابڙو، ساگر سيال، شهزاد ٻگهيو سميت ڪيترن ئي ڪارڪنن شرڪت ڪئي.
قوم پرست اڳواڻن مظاهري کي خطاب ڪندي چيو ته حيدرآباد اسپتال ۾ شھيد عرفان لغاري جي وارثن کي ميت نه ڏيڻ مورو ۾ پرامن احتجاج ڪندڙ قومي ڪارڪنن تي منظور نظر ايس ايس پي، صوبائي وزير قانون جي حڪم تي وڏيري افضل سولنگي ۽ ٻين پاران گوليون وسايون ويون،
جنهن جي نتيجي ۾ زاهد لغاري شهيد ٿي ويو، جڏهن ته زخمي عرفان لغاري به زخمن جا سور نه سهندي حيدرآباد اسپتال ۾ شهيد ٿي ويو، جنهن جو لاش اڃا تائين رياستي حراست ۾ آهي. اڳواڻن چيو ته اها ڪهڙي قسم جي حڪمراني آهي، جو مقتول زاهد لغاري ۽ عرفان لغاري جي ڳوٺن تي سيڪيورٽي فورسز جا ڪڙا چڙهيل آهن، ڳوٺ ۾ ايندڙ ويندڙن تي پابنديون مڙهيل آهن،
جڏهن ته ڳوٺ ۾ بنيادي خوراڪ جي کوٽ پڻ وڌي وئي آهي. اڳواڻن الزام هنيو ته گذريل رات دادو پوليس جي وڏن اٽالن اي سيڪشن ،بي سيڪشن ۽ ٻين ٿاڻن جي پوليس هٿ وٺي احتجاج ڪندڙ ڪارڪنن کي اشتعال ڏياريو، انهن تي ڏمرجي چڙهائي ڪئي وئي ۽ مٿن سخت لاٺي چارج ڪئي وئي پوءِ 40 کان وڌيڪ ڪارڪنن ھوٽلن تي ويٺل ماڻهن کي گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو آهي. دادو جي مختلف سڃاڻ ڌرين پڻ سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي کي هن حساس معاملي تي سنجيدگي اختيار ڪرڻ گهرجي.
جيڪڏهن هن صورتحال کي فوري طور سنڀاليو نه ويو ته عوام جي دلين ۾ پيدا ٿيل نفرتن جو خاتمو ممڪن نه ٿيندو، جيڪو حڪومت سنڌ ۽ پيپلزپارٽي جي سياسي ساک لاءِ وڏي چئلينج جو سبب بڻجي سگهي ٿو. هاڻي سنڌي ماڻهون هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿي ويا آهن.
مَي 24, 2025