جناح هائوس حملي ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جي 254 اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تي فرد جرم لاڳو

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جناح هائوس حملي جي ڪيس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي 254 اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تي فردِ جرم لاڳو ڪري ڇڏيو.
دهشتگردي ٽوڙ عدالت عدالت لاهور ۾ جناح هائوس حملي واري ڪيس جي ٻڌڻي جج منظر علي گل ڪوٽ لکپت جيل ۾ ڪئي.
عدالت طرفان پي ٽي آءِ اڳواڻن عاليه حمزه، روبينا جميل، خديجه شاهه، اعجاز چوڌري، عمر سرفراز چيما، محمود الرشيد سميت ٻين مٿان فردِ جرم لاڳو ڪيو ويو.
ڪيس ۾ نامزد سمورن جوابدارن ڏوهه قبولڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جناح هائوس حملي ڪيس ۾ نامزد ٻه جوابدار فوت ٿي چڪا آهن، جڏهن ته 10 جوابدارن کي اڳ ئي اشتهاري قرار ڏنو ويو آهي.