آنڌاري، گجگوڙ، کنوڻ سان برساتن جو اڳڪٿي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي ايمرجنسي آپريشن سينٽر ايندڙ 24 ڪلاڪن لاءِ امڪاني موسمي صورتحال بابت ايڊوائزري جاري ڪري ڇڏي، جنهن ۾ پنجاب ۽ خيبرپختونخوا جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ آنڌاري، گجگوڙ ۽ کنوڻ سان گڏ برسات جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.
نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (ان ڊي ايم اي) موجب، راولپنڊي ۽ اسلام آباد سميت فيصل آباد، لاهور، نارووال، اٽڪ، جهلم، چڪوال، ميانوالي ۽ سيالڪوٽ ۾ به کنوڻ ۽ گجگوڙ سان گڏ برسات جو امڪان آهي.
خيبرپختونخوا جي ضلعن مردان، پشاور، صوابي، چارسدا، نوشهرا، بٽگرام، مانسهرا ۽ ايبٽ آباد ۾ به آنڌاري، طوفان ۽ برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
ٻئي پاسي، سنڌ ۽ بلوچستان جي اڪثر ضلعن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي آهي.
گذريل ڏينهن سڀ کان وڌيڪ گرمي سبي ۾ رڪارڊ ڪئي وئي، جتي پارو 51 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي ويو هو.