آءِ ايم ايف وفد جو پاڪستان جو دورو مڪمل، پڌرائي جاري

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف ) جي مشن پاڪستان جو دورو مڪمل ڪري ورتو، جنهن ۾ مهانگائي تي ضابطو آڻڻ، ٽيڪس آمدني ۾ واڌ ۽ معاشي سڌارا جاري رکڻ تي زور ڏنو ويو.
آءِ ايم ايف جي مشن جي قيادت نيٿن پورٽر ڪئي، هي دورو 19 مئي کان شروع جنهن دوران مالي سال 2025-26 جي بجيٽ، اقتصادي پاليسين ۽ اصلاحي قدمن تي تفصيلي ۽ تعميري ڳالهيون ٿيون.
دوري جي پڄاڻي تي جاري ڪيل بيان پڌرائيءَ موجب، ايندڙ ڏينهن ۾ بجيٽ بابت ڳالهيون جاري رهنديون، جڏهن ته ايندڙ جائزي وارو اجلاس هن سال جي ٻي ڇهه ماهيءَ ۾ ٿيندو.
پڌرائي موجب، پاڪستاني عملدارن سان ٿيل ڳالهه ٻولهه هاڪاري ۽ تعميري رهي. وفد اعتراف ڪيو ته پاڪستان مالي استحڪام ۽ پاليسين جي تسلسل لاءِ پڪو عزم ورجايو آهي، توانائي شعبي ۾ ٿيندڙ سڌارن، مهانگي بجليءَ جي ڍانچي جي خاتمي ۽ توانائي جي قيمت گهٽائڻ بابت به تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي.
آءِ ايم ايف پاڪستان تي زور ڏنو ته مهانگائي کي 5 کان 7 سيڪڙو جي حد اندر آڻڻ لاءِ سخت مانيٽري پاليسي برقرار رکي وڃي، اسٽيٽ بئنڪ کي هدايت ڪئي وئي آهي ته مهانگائيءَ کي نظر ۾ رکندي پاليسي جوڙي وڃي، معاشي واڌ ويجهه لاءِ بنيادي سڌارن، مالي ضابطي ۽ ٽيڪس نيٽ جو دائرو وڌائڻ تي به زور ڏنو ويو.
وفد ٻڌايو ته پاڪستان جو پرائمري سرپلس جو هدف هڪ ڏهائي ڇهه سيڪڙو مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ايندڙ مالي سال ۾ مٽاسٽا ناڻي جي ذخيري کي مستحڪم رکڻ ۽ ڪرنسي جي شرح مٽاسٽا کي مارڪيٽ جي حساب سان ترتيب ڏيڻ جي ضرورت آهي ته جيئن پرڏيهي معاشي دٻاءُ کي منهن ڏئي سگهجي.
آءِ ايم ايف مشن جي سربراهه نيٿن پورٽر چيو ته ايندڙ بجيٽ ۾ ٽيڪس آمدني وڌائڻ، خرچن جي ترجيحن تي نظرثاني ڪرڻ ۽ سماجي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ واضع حڪمت عملي جوڙڻ ضروري آهي.
سندس چوڻ هو ته بجيٽ پاليسيءَ ۾ اهڙا سڌارا شامل ڪيا وڃن جيڪي پائيدار ترقي، مالي استحڪام ۽ ڪاروباري موقعن جي واڌاري جو سبب بڻجن.
دوري دوران وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي سهڪار تي آءِ ايم ايف طرفان شڪريو ادا ڪيو ويو ۽ پاڪستان سرڪار جي ڪوششن کي سارهيو ويو .
بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته پاڪستان سان ڳاليهن وارو عمل مستقبل ۾ به هاڪاري انداز ۾ جاري رهندو ۽ ادارو اصلاحي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ لاءِ مڪمل سهڪار ڪندو.

مَي 24, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو