ڄامشورو: پوليو مهم جي تياري، 26 مئي کان ٻارن کي حفاظتي قطرن جي فراهمي لاءِ انتظامات مڪمل

Spread the love

ڄامشورو (رپورٽ: محمد وارث  ) ڄامشورو پوليو ھڪ موذي مرض آهي ان جي خاتمي لاءِ اسان سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو چيو ته جيئن ڪوبه ٻار پوليو جي قطرن کان محروم نه رھي. اھڙن خيالن جو اظھار ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو غضنفر علي قادري ضلعي جي لاڳاپيل آفيسرن سان درٻار ھال ڄامشورو ۾ اعلي سطحي اجلاس جي صدارت ۾ ڪيو

اجلاس کي خطاب ڪندي ڊي سي ڄامشورو غضنفر علي قادري چيو ته 26 مئي کان شروع ٿيندڙ پوليو مھم کي ڪامياب بڻائڻ سمورا وسائل ڪتب آندا وڃن ھن يوسي ايم او ايريا مئنيجر ۽ ضلعي جي لاڳاپيل آفيسرن تي زور ڀريو ته پوليو مهم دوران ڪنھن به قسم جي غفلت کي ھرگز برداشت نه ڪيو ويندو

جڏهن ته ھن ضلعي ۾ ڪم ڪندڙ سماجي تنظيمن جي نمائندن ۽ ميونسپل  ڪميٽي جي چيئرمين کي به ھدايتون ڏنيون ته پوليو مهم دوران پوليو ٽيم سان سھڪار ڪن ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر ڄامشورو ڊاڪٽر پير منظور ٻڌايو ته 26 مئي کان شروع ٿيندڙ پوليو مهم دوران 2 لک 45 ھزار 7 سو 69 پنجن سالن تائين جي ٻارڙن کي پوليو کان بچاء جا ڦڙا پياريا ويندا جنھن لاءِ سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن

اجلاس ۾ اين اسٽاپ آفيسر ڊاڪٽر ڪليم شيخ، ڊسٽرڪٽ مئنيجر پي پي ايڇ آئي شفيق رحمان آگرو، ڊسٽرڪٽ پوليو فوڪل پرسن ڊاڪٽر رضا پنھور، چيئرمين ميونسپل ڪميٽي ڪوٽڙي ارباب جعفر شورو، ڊبليو ايڇ او ڊاڪٽر منصور، ڊاڪٽر اعجاز احمد جاکڙو، تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن، ڊي ايس آر رينجرز، پوليس، تعليم، لوڪل گورنمينٽ، روينيو سوشل ويلفيئر، سماجي تنظيمن جي اڳواڻن سميت لاڳاپيل آفيسر موجود هئا

اجلاس کان پوءِ ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو غضنفر علي قادري گذريل پوليو مهم دوران بھترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ يوسي ايم او ۽ ايريا انچارج کي سرٽيفڪيٽ  ورھايا، جڏھن ته ڊي سي ڄامشورو غضنفر علي قادري ڊي ايچ او ڊاڪٽر پير منظور سان گڏ اي پي آئي پاران ضلعي ڄامشوري لاءِ آيل 25 موٽر بائيڪ ويڪسينٽرن کي ڏنيون ويون.

مَي 23, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو