ڀارت 20 سالن کان رياستي دهشتگردي پيو ڪري، خضدار واقعي ۾ ” فتنه الهندوستان“ ملوث آهي: ڊي جي آءِ ايس پي آر

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري ۽ گهرو سيڪريٽري آفتاب دراني پاڪستان ۾ ڀارتي دهشتگرديءَ جا 20 سالن تفصيل دنيا آڏو پيش ڪري ڇڏيا.
ڊي جي آءِ ايس پي آر ۽ گهرو سيڪريٽري آفتاب دراني ڀارت جي پراڪسي وار کي ” فتنه الهندوستان“ جو نالو ڏنو.
گهرو سيڪريٽري آفتاب دراني چيو ته بلوچستان ۾ حملي جو واقعو ڀارتي انٽيليجنس ايجنسي ”را“ سرپرستي هيٺ ٿيو، ڀارت آپريشن سندور ۾ مڪمل ناڪام ٿيو آهي، ڀارت هاڻي دهشتگرد پراڪسيز کي بلوچستان ۾ دهشتگردي جون ڪارروايون ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي.
هن چيوته پاڪستان حڪومت انهن نيٽ ورڪن کي ختم ڪندي، ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهري ۾ آندو ويندو، دهشتگردي جي ڪاررواين تي سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، فتنه الهندوستان هاڻي سافٽ ٽارگيٽن تي حملا شروع ڪيا آهن.
ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف ڀارت جي 20 سالن جي رياستي دهشتگردي بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته 2009ع ۾ پاڪستان ڀارت جي وزيراعظم کي ثبوت ڏنا، گرفتار دهشتگردن ڀارت جي حمايت جو اعتراف ڪيو.
هن چيو ته ڀارت علائقي ۾ امن کي خراب ڪرڻ چاهي ٿو، 21 مئي تي ڀارت جي حڪم تي فتنه الهندوستان طرفان هي سڀ ڪجهه ڪيو ويو، اهو ڀارت جي دهشتگرديءَ جي ظالماڻي شڪل آهي، انهن حملن ۾ نه بلوچ پڻو آهي نه پاڪستانيت.
هن چيو ته 12 اپريل 2024ع تي نوشڪي ۾ 12 پورهيتن کي شهيد ڪيو ويو، 28 اپريل 2024ع تي تمپ ڪيچ ۾ 2 مزدورن کي شهيد ڪيو ويو، ڀارت جي چُرچ تي هو عورتن ۽ ٻارن تي حملا ڪري رهيا آهن.
ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب 14 فيبروري تي هرنائي ۾ 10 شهرين کي آءِ اي ڊي ڌماڪي ۾ شهيد ڪيو ويو ، جعفر ايڪسپريس حملن ۾ معصوم شهري، سڪيورٽي فورسز جا اهلڪار شهيد ٿيا جڏهن ته 9 مئي تي لسٻيلي ۾ٽن حجمن کي شهيد ڪيو ويو.
پاڪ فوج جي ترجمان ٻڌايو ته 21 مئي تي 6 معصوم ٻارن کي شهيد ڪيو ويو، 51 معصوم ٻار زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي آهن.
سندس چوڻ هو ته هو ٻارن ۽ پورهيتن کي شهيد ڪري رهيا آهن، پر بلوچستان جي ماڻهن جو عزم ناهن ٽوڙي سگهيا، ڀارت جي 20 سالن جي رياستي اسپانسر ٿيل دهشتگردي جو رڪارڊ عوام جي سامهون پيش ڪري رهيا آهيون، گرفتار دهشتگردب ٻڌايو آهي ته فتنه الهندوستان ڪئين پاڪستان ۾ دهشتگرد ڪارروايون ڪري ٿو.
پريس ڪانفرنس دوران بلوچستان ۾ شهيد ٿيل ماڻهن جي وارثن جون ويڊيوز پڻ ڏيکاريون ويون.

مَي 23, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو