پگهارن ۽ پينشن ۾ واڌ بابت اهم خبر اچي وئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) طرفان پگهاردار طبقي، ملڪيت، شربتن ۽ برآمدي شعبي کي رليف ڏيڻ بابت ڪوششن کانپوءِ، پاڪستان جي دوري تي آيل آءِ ايم ايف ٽيم سان جاري ڳالهيون ان نتيجي تي پهتيون آهن ته آءِ ايم ايف ايف بي آر جي ٽيڪس هدف کي حڪومت جي خرچن ۾ لاٿ سان مشروط ڪري ڇڏيو آهي.
آءِ ايم ايف جي ٽيم جمعي ڏينهن پنهنجو دورو مڪمل ڪندي. رڳو دفاعي بجيٽ کي ڇوٽ حاصل هوندي، ڇو ته اسلام آباد موجوده جيوپوليٽيڪل صورتحال کي نظر ۾ رکندي ان ۾ واڌ جو فيصلو ڪري چڪو آهي.
وزيراعظم شهباز شريف ۽ سندس ٽيم، وچ اوڀر ۽ وچ ايشيا لاءِ آءِ ايم ايف جي ڊائريڪٽر جهاد ازعور جي سربراهي ۾ آيل وفد سان ملاقات ڪئي.
پاڪستان طرفان ڀاڻ تي وفاقي ايڪسائيز ڊيوٽي 5 سيڪڙو مان وڌائي 10 سيڪڙو ڪرڻ ۽ زرعي دوائن تي نئون 5 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ڪرڻ واري تجويز کي ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي، جنهن تي آءِ ايم ايف جي جزوي طور تي راضپي جي اميد ڪئي پئي وڃي.
پگهارن ۽ پينشن ۾ واڌ نه هئڻ برابر ٿيندي، ڇو ته سرڪاري ملازمن جي انگ گهٽائڻ واري مهم هاڻي بي اثر ٿي چڪي آهي، ۽ پگهارون گهٽائڻ سان بجيٽ ۾ ڪا خاص بچت نه ٿيندي.