پاڪستان کي هلندڙ مالي سال دوران ملندڙ پرڏيهي قرضن ۽ امداد جا تفصيل سامهون اچي ويا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان کي هلندڙ مالي سال دوران پرڏيهي قرضن ۽ امداد بابت تفصيل سامهون اچي ويا آهن.
دستاويزن موجب، پاڪستان کي شروعاتي 10 مهينن ۾ مجموعي طور تي 6 ارب ڊالر کان وڌيڪ پرڏيهي فنڊز مليا.
دستاويزن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جولاءِ کان اپريل تائين پاڪستان کي 5 ارب 92 ڪروڙ ڊالر قرض جي صورت ۾ مليا، جڏهن ته 15 ڪروڙ 83 لک ڊالر امداد طور حاصل ٿيا. ان عرصي دوران آءِ ايم ايف کان حاصل ٿيل 2.1 ارب ڊالر ان رقم کان الڳ آهن، جڏهن ته سعودي عرب، يو اي اي ۽ چين طرفان 6 ارب ڊالر جا ڊپازٽ به رول اوور ڪيا ويا.
دستاويزن موجب، عالمي مالياتي ادارن پاران پاڪستان کي 2 ارب 97 ڪروڙ ڊالر فراهم ڪيا ويا، جڏهن ته چين، آمريڪا ۽ ٻين ملڪن پاران 37 ڪروڙ ڊالر قرض طور ڏنا ويا، ان سان گڏوگڏ پاڪستان 10 مهينن دوران 76 ڪروڙ ڊالر جو ڪمرشل قرض حاصل ڪيو.
اقتصادي امور ڊويزن موجب، ” نيا پاڪستان سرٽيفڪيٽ“ جي مد ۾ 1 ارب 61 ڪروڙ ڊالر مليا، جڏهن ته مختلف ترقياتي منصوبن لاءِ 2 ارب 63 ڪروڙ ڊالر حاصل ٿيا، ان کانسواءِ بجيٽ سپورٽ جي مد ۾ 3 ارب ڊالر کان وڌيڪ فنڊز پڻ مليا.
دستاويزن موجب، هلندڙ مالي سال دوران پاڪستان جو مجموعي پرڏيهي مالي امداد جو هدف 19 ارب 39 ڪروڙ ڊالر مقرر ڪيو ويو آهي،