پاڪستان ڀارتي اُڏامن مٿان هوائي حدون استعمال ڪرڻ تي لاڳو پابندي ۾ واڌ ڪري ڇڏي

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڀارتي اُڏامن لاءِ پنهنجون هوائي حدون استعمال ڪرڻ تي لاڳو پابنديءَ ۾ وڌيڪ واڌ ڪري ڇڏي آهي، جيڪا هاڻي 24 جون صبح 4 وڳي 59 منٽن تائين لاڳو رهندي.
پاڪستان ايئرپورٽس اٿارٽي (پي اي اي) موجب، هي پابندي انهن سڀني جهازن تي لاڳو هوندي جيڪي ڀارت ۾ رجسٽرڊ، آپريٽ، ملڪيت يا ليز تي ورتل هوندا.
پي اي اي جو چوڻ آهي پابندي ڀارتي فوجي جهازن تي به لاڳو هوندي، جڏهن ته ڀارتي ايئر لائنز يا ڪنهن به ڀارتي آپريٽر جي ڪنٽرول هيٺ هلندڙ ڪا به اُڏام پاڪستاني هوائي حدن استعمال نه ڪري سگهندي.
ياد رهي ته پهلگام حملي کانپوءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ جي پسمنظر ۾ پاڪستان 24 اپريل تي ڀارتي اُڏامن لاءِ هڪ مهيني لاءِ هوائي حدون بند ڪري ڇڏيون هيون ، جنهن ۾ هاڻي واڌ ڪئي وئي آهي.

مَي 23, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو