ورلڊ بينڪ ۽ سنڌ حڪومت پاران شهيد بينظيرآباد ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ رهائشي بحالي منصوبي جو دورو، عورتن کي گهرن جي مالڪيءَ جا حق ڏنا ويا
سڪرنڊ (رپورٽ: راج ڪماراوڏ) ورلڊ بينڪ جي مينيجنگ ڊائريڪٽر انا بيجرڊ، خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ۽ ورلڊ بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر نجي بن حسين سان گڏ ضلعي شهيد بينظيرآباد جي ڳوٺ نظر محمد لغاري ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ هلندڙ رهائشي بحالي منصوبي جو دورو ڪيو. اهو منصوبو سنڌ پيپلز هائوسنگ فار فلڊ افيڪٽيز (SPHF) جي تحت 2022 جي تباهه ڪندڙ ٻوڏ ۾ متاثر ٿيل گهرن جي ٻيهر تعمير لاءِ شروع ڪيو ويو آهي. دوري دوران، آصفه ڀٽو زرداري ۽ انا بيجرڊ عورتن کي نون گهرن جي مالڪيءَ جون سندون ورهايا ۽ ڳوٺ جي وليج ريڪنسٽرڪشن ڪميٽي (VRC) جي عورت ميمبرن سان ملاقات ڪئي، جن سندن ھنر هٿ جي ڀرٿ جي نمائش ڪئي. ڪميٽي آگاهي ڏني ته ڳوٺ ۾ 32 گهر مڪمل طور تباهه ٿيا هئا، جن جي هاڻي ٻيهر تعمير مڪمل ٿي چڪي آهي.
انا بيجرڊ سنڌ حڪومت جي بحالي جي ڪوششن لاءِ ورلڊ بينڪ جي تعاون جي عزم کي ورجايو ۽ مقامي ماڻهن جي همت ۽ قيادت جي عزم جي واکاڻ ڪئي. هن چيو ته موسمياتي تبديلي جي باوجود، ڪميونٽي سطح تي پائيدار بحالي ممڪن آهي.
آصفه ڀٽو زرداري زور ڏنو ته SPHF منصوبي تحت عورتن کي گهرن جي مالڪيءَ جا حق ڏيڻ سنڌ حڪومت جو تاريخي قدم آهي، جيڪو خاص طور تي ڳوٺاڻين عورتن کي سماجي ۽ معاشي طور بااختيار بڻائي رهيو آهي.
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ٻڌايو ته 2022 جي ٻوڏ ۾ 24 لک کان وڌيڪ گهر تباهه ٿيا هئا. ورلڊ بينڪ شروع ۾ 500 ملين ڊالر فراهم ڪيا، جنهن سان بحالي جو عمل شروع ٿيو، ۽ پوءِ ٻه سالن ۾ 450 ملين ڊالر جو وڌيڪ اضافو ڪيو ويو. هن مالي مدد سان 778,000 گهر تعمير ٿيا ۽ 54.92 ملين ڊالر پاڻي، صفائي ۽ حفظان صحت (WASH) پروجيڪٽ لاءِ مختص ڪيا ويا، جن مان 1,000 ڳوٺن ۾ 66,691 خاندان فائدو وٺي رهيا آهن.
سنڌ پيپلز هائوسنگ فار فلڊ افيڪٽيز (SPHF) جي سي اي او خالد محمود شيخ ٻڌايو ته صرف شهيد بينظيرآباد ۾ 104,822 گهر تباهه ٿيا، جن مان لڳ ڀڳ 60,000 گهر اڃا تعمير هيٺ آهن ۽ 40,000 کان وڌيڪ مڪمل ٿي چڪا آهن. سنڌ ۾ 111,000 کان وڌيڪ خصوصي ماڻهن لاءِ رسائيءَ لائق محفوظ گهر فراهم ڪيا پيا وڃن، جڏهن ته 800,000 کان وڌيڪ عورتن پهريون ڀيرو پنهنجا بئنڪ اڪائونٽس کوليا آهن، جيڪي مالي شموليت جي ترقيءَ جو ثبوت آهن. هي پروگرام 60 لک کان وڌيڪ ماڻهن کي محفوظ رهائش فراهم ڪري چڪو آهي ۽ 10 لک کان وڌيڪ نوان روزگار پيدا ڪري چڪو آهي.
هي دورو ورلڊ بينڪ ۽ سنڌ حڪومت جي وچ ۾ جاري سهڪار جي علامت آهي، جنهن جو مقصد موسمياتي آفتن سان متاثر ٿيل ڳوٺاڻن ۽ ڪمزور طبقي جي بحالي ۽ بااختياري آهي.
مَي 23, 2025