مٺي: ماستر امر سومرو ڀيل قتل ڪيس جا جوابدار ضمانت تي فرار، ڀيل برادري سخت احتجاجي مظاهرو

Spread the love

مٺي(ڊ-ر) ڪالھ ماستر امر سومرو ڀيل قتل ڪيس جا ٻه مُک جوابدار بابر عرف راجا رند ۽ اڪرم چانڊيو سيشن جج مٺي محبوب علي دايو جي عدالت ۾ ضمانت ڪرائڻ لاءِ پيش ٿيا ۽ عدالت سڳوري جوابدارن جون ضمانتون رد ڪرڻ جو حڪم ڏيندي کين فورن گرفتار ڪرڻ جو حُڪم ڏنو پر پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام وئي ۽ اُهي آساني سان فرار ٿي ويا.

 ٻئي پاسي ڀيل برادري پاران جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف پريس ڪلب مٺي اڳيان بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي سخت احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنهن ۾ سورج ڪمار ڀيل، پهلاج ڀيل، آسن ڀيل ۽ ٻين شرڪت ڪئي، هنن چيو ته وڄوٽو پوليس جوابدارن جي ونگاري بڻيل آھي ۽ عدالت ٻاهريان پوليس ڏسندي رهي ۽ جوابدارن کي فرار ٿيڻ جو موقعو ڏنو ويو

۽ ايس ايس پي ٿرپارڪر پڻ خاموش بڻيل آھي. هنن وزير اعليٰ سنڌ، صوبائي گهرو وزير، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن جي فرار ٿيڻ جو سخت نوٽيس وٺي وڄوٽو پوليس خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ مفرور جوابدارن کي فورن گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

مَي 23, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو