قومي اتحاد سان دشمن کي اهڙي تاريخي شڪست ڏني جيڪا هو قيامت تائين نه وساري سگهندو: وزيراعظم

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته 10 مئي تي پاڪستاني قوم پنهنجي اتحاد ۽ اتفاق سان دشمن کي اهڙي تاريخي شڪست ڏني، جيڪا هو قيامت تائين نه وساري سگهندو.
وزيراعظم شهباز شريف اسلام آباد ۾ جناح اسڪوائر انٽرچينج منصوبي جو افتتاح ڪري ڇڏيو.
افتتاحي تقريب دوران خطاب ڪندي وزيراعظم اسلام آباد ۾ انٽرچينج رٿا رڳو 35 ڏينهن ۾ مڪمل ڪرڻ تي وفاقي وزير گهرووزير محسن نقوي ۽ هن جي ٽيم جي ساراهه ڪئي.
شهباز شريف چيو ته ايتري ٿوري وقت ۾ اهڙو منصوبو مڪمل ڪرڻ سولو ڪم نه هو، اهو وقت پري ناهي جڏهن محسن نقوي اهڙا منصوبا هڪ ڏينهن ۾ مڪمل ڪندو.
وزيراعظم وڌيڪ چيو ته 10 مئي تي پاڪستاني قوم پنهنجي اتحاد ۽ اتفاق سان دشمن کي اهڙي تاريخي شڪست ڏني، جيڪا هو قيامت تائين نه وساري سگهندو.