غزه تي مڪمل قبضي جو اسرائيلي منصوبو
عاطف ملاح
اسرائيلي اڳواڻن هاڻ کلي عام ان ڳالھه جو اقرار ڪن ٿا ته اسرائيل جو اصل منصوبو غزه تي مڪمل قبضو ڪري غزه پٽي کي مڪمل طور تي ختم ڪرڻ ڪيو وڃي. ۽ اتان فلسطيني آبادي کي ٻاهر ڪڍيو وڃي. ان عمل ۾ اسرائيل کي آمريڪا جي مڪمل سپورٽ حاصل آهي. اسرائيل جي ان منصوبي عملي جامو پهرائڻ لاءِ آمريڪا جي اڳوڻي صدر جوئي بائيڊن ۽ هاڻوڪي آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ ڏھ بلين ڊالرز کان وڌيڪ جي فوجي امداد ڏني آهي. اقوام متحده ۾ اسرائيل خلاف پيش ٿيندڙ هر قرارداد کي آمريڪا طرفان ويٽو ڪيو ويو آهي. ٽرمپ هيگ جي عالمي عدالت مٿان اسرائيل خلاف جنگي ڏوهن ۽ انسانيت خلاف ڏوهن سبب اسرائيلي وزيراعظم ۽ دفاعي وزير جي گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ سبب ٽرمپ عالمي عدالت مٿان پابنديون لڳائي ڇڏيون آهن.
اسرائيل کي هاڻ آمريڪا جي مڪمل سهڪار بعد اهو يقين آهي ته هنن جي جنگي جنون آڏو ڪا به ديوار ناهي. ان ڪري ئي وزيراعظم نيتن ياهو سرعام اهو چئي رهيو آهي ته” هاڻي اسان غزه تي مڪمل قبضو ڪري ڪري ان کي پنھنجي ڪنٽرول ۾ ڪنداسين “(ڏسو فرانسيسي اخبار Lemonde) 19 مئي تي پنھنجي جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ نيتن ياهو جو چوڻ هيو ته” اسان غزه پٽي جي مڪمل علائقي تي قبضو ڪنداسين. “ هن جو چوڻ هيو ته” اسان اهو عمل اهڙي ريت ڪنداسين جو جنھن کي آساني سان بند به نه ڪري سگهبو. “ وال اسٽريٽ جنرل ۽ ٻين اخبارن ۾ اهو چيو ويو آهي ته صدر ٽرمپ طرفان اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو کي فلسطين مٿان حملن جي کلي اجازت ملڻ کانپوءِ اسرائيل فلسطينين جي نسل ڪشي واري مهم کي اڃان تيز ڪري ڇڏيو آهي.
صدر ٽرمپ پنهنجي صدارتي مهم دوران غزه جنگبندي ۽ وچ اوڀر ۾ امن جا وڏا نعرہ هنيا. هن اليڪشن مهم ۾ غزه جنگبندي کي پنھنجي اهم نعري طور اڳيان آندو. جنوري ۾ صدارتي ڪرسي ٻيون دفعو سنڀالڻ کان اڳ هن جنن۽غزه جنگبندي ڪرائي. Geopolitical Economy Report ايڊيٽر بين نارٽن موجب” اها جنگبندي دراصل اسرائيل جي هڪ چالاڪي هئي جو ان جنگبندي وسيلي اسرائيل وڌيڪ وقت گهرڻ پئي چاهيو جيئن آمريڪا کان هٿيارن وڏي کيپ وري گهرائي وٺجي. ۽ فلسطينين جي جاري نسل ڪشي واري جنگي ڏوھ کي تيز ڪري سگهجي ۽ فلسطينين خلاف وڏي جنگ ڪري غزه پٽي کي مڪمل طور پنهنجي قبضي ۾ آڻي وٺجي. “ هن وقت اسرائيل آمريڪا جي مڪمل مدد وسيلي غزه پٽي تي مڪمل ڪنٽرول واري بي رحم مهم ۾ رڌل آهي. ٽرمپ انتظاميا ڪيترائي دفعا فلسطينين کي پنهنجي زمين ڇڏڻ ۽ مصر ڏانهن سينائي صحرا ڏانھن بي دخل ڪرڻ جا پنهنجا سامراجي پلان پيش ڪندا رهيا آهن. جڏهن مصري حڪمرانن ان کان منع ڪئي ته ٽرمپ اردن جي حڪمرانن سان به ڳالهايو. ته جيئن فلسطينين کي اردن ڏانھن بي دخل ڪيو وڃي پر اردن جي حڪمرانن پڻ منع ڪئي. ان کانپوءِ ٽرمپ لبيا جي حڪومت مٿان دٻاءُ وجھي رهيو آهي ته هو ٻيو نه ته گهٽ ۾ گهٽ هڪ ملين (10 لک) فلسطينين کي پاڻ وٽ رکن. ان جي بدلي ۾ صدر ٽرمپ ليبيا کي 2011 ۾ سامراج مخالف ليبيا جي صدر معمر قذافي کي قتل ڪرڻ وقت جڏھن آمريڪا ۽ نيٽو ليبيا مٿان جنگ مسلط ڪئي هئي ان وقت 30 بلين ڊالرز کان وڌيڪ جا جيڪي اثاثا آمريڪا Freeze ڪيا هئا سي هُن کي ڏيڻ لاءِ تيار آهي. آمريڪا اسرائيل جي مدد ۾ ۽ فلسطينين جي نسل ڪشي ڪرڻ لاءِ هر هٿيار استعمال ڪرڻ لاءِ تيار آهي. اسرائيل جي هٿيارن جي مدد سان گڏ ان کي فوجي، معاشي ۽ سفارتي امداد ڏيڻ سان گڏ هو ٻين ملڪن کي اسرائيل جي حمايت لاءِ دٻائي رهيو آهي.
هن وقت غزه ۾ صورتحال انتھائي خراب آهي. اقوام متحده جي رپورٽ موجب جيڪا هنن 20 مئي تي جاري ڪئي، اسرائيل طرفان فلسطينين جي کاڌي خوراڪ، دوائن ۽ ٻين ضرورت جي شين جي بند ڪرڻ سبب 48 ڪلاڪن اندر 14 هزار فلسطيني ٻارن جي موت جو خدشو آهي. 22 مئي 2025 تي الجزیرہ رپورٽ ڪيو آهي ته اسرائيلي حملن ۾ اڄ يعني 22 مئي تي 51 فلسطيني شھيد ٿي چڪا آهن. نيتن ياهو سميت سمورن اسرائيلي اڳواڻن جو اهو پلان آهي ته فلسطين جي زمين تي مڪمل قبضو ڪري فلسطينين کي پنهنجي ئي وطن مان بي وطن ڪري انھن کي ٻين ملڪن ۾ پناهگير ڪري رهائجي. ان انساني ڪوس ۾ آمريڪا اسرائيل جو مڪمل حمايتي ۽ مددگار آهي.
اسرائيلي اڳواڻن هاڻ کلي عام ان ڳالھه جو اقرار ڪن ٿا ته اسرائيل جو اصل منصوبو غزه تي مڪمل قبضو ڪري غزه پٽي کي مڪمل طور تي ختم ڪرڻ ڪيو وڃي. ۽ اتان فلسطيني آبادي کي ٻاهر ڪڍيو وڃي. ان عمل ۾ اسرائيل کي آمريڪا جي مڪمل سپورٽ حاصل آهي. اسرائيل جي ان منصوبي عملي جامو پهرائڻ لاءِ آمريڪا جي اڳوڻي صدر جوئي بائيڊن ۽ هاڻوڪي آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ ڏھ بلين ڊالرز کان وڌيڪ جي فوجي امداد ڏني آهي. اقوام متحده ۾ اسرائيل خلاف پيش ٿيندڙ هر قرارداد کي آمريڪا طرفان ويٽو ڪيو ويو آهي. اسرائيل کي هاڻ آمريڪا جي مڪمل سهڪار بعد اهو يقين آهي ته هنن جي جنگي جنون آڏو ڪا به ديوار ناهي. ان ڪري ئي وزيراعظم نيتن ياهو سرعام اهو چئي رهيو آهي ته” هاڻي اسان غزه تي مڪمل قبضو ڪري ڪري ان کي پنھنجي ڪنٽرول ۾ ڪنداسين “
مَي 23, 2025