شھيد بينظيرآباد ۾ عيدالاضحىٰ موقعي تي صفائي ۽ انتظامن لاءِ ڊپٽي ڪمشنر جي صدارت ۾ اجلاس، ڪنٽرول روم قائم ڪرڻ جا حڪم

Spread the love

سڪرنڊ (رپورٽ: راج ڪماراوڏ)ڊپٽي ڪمشنر شھيد بينظيرآباد عبدالصمد نظاماڻي جي صدارت ھيٺ ضلع ۾ عيدالاضحىٰ جي موقعي تي صفائي جي صورتحال ۽ ٻين انتظامن کي يقيني بڻائڻ جي سلسلي ۾ انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ ھڪ اجلاس ڊي سي آفيس جي درٻار ھال ۾ ٿي گذريو.

 ان موقعي تي اجلاس کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر عبدالصمد نظاماڻي  چيو ته قرباني واري عيد مسلمانن لاءِ ھڪ وڏو ڏينھن آھي انھي لاءِ سمورن لاڳاپيل کاتن جا عملدار سمورن شھرن ۾ صفائي جي صورتحال کي فوري طور بهتر بنائڻ لاءِ ڪانٽيجنسي پلان جوڙين ڊپٽي ڪمشنر ميونسپل ڪارپوريشن ۽ سمورن ٽائون آفيسرن کي هدايت ڪئي ته قرباني واري عيد جا ٽئي ڏينھن عملي جي حاضري کي يقيني بڻائي شهرن جي صفائي ۽ قرباني وارن جانورن جون الائشيون شھرن کان ٻاھر مناسب جائين تي منتقلي لاءِ قدم کنيا وڃن تہ جئين شھرين کي ڪنھن پريشاني کي منھن ڏيڻون پئيجي نہ سگھي

ڊپٽي ڪمشنر کين اھا پڻ ھدايت ڪئي تہ قرباني واري عيد جي موقعي تي شھرين جي شڪايتن جي ازالي لاءِ سندن آفيسن ۾ ڪنٽرول روم قائم ڪري فوڪل پرسن مقرر ڪيا وڃن ڊپٽي ڪمشنر صحت ۽ لائيو اسٽاڪ کاتي جي عملدارن کي هدايت ڪئي تہ عيد الضحي جي موقعي تي لڳندڙ مال پڙين ۾ شھرين کي بيمارين کان بچڻ لاءِ آگاھي فراھم ڪئي وڃي

 اجلاس ۾ مئير قاضي محمد رشيد ڀٽي، ٽائون ميونسپل چئيرمين سيد عاطف زيدي، محمد حيات ڪاڪپيوٽو، ميونسپل ڪمشنر عبدالرزاق شيخ ۽ سمورن ٽائون آفيسرن پاران قرباني واري عيد جي موقعي تي صفائي سٿرائي، ڪنٽرول روم قائم سميت ٻين انتظامن جي حوالي سان کنيل قدمن بابت ڊپٽي ڪمشنر کي آگاھي ڏني وئي.

اجلاس ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر حسان ظفر، ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر ڊاڪٽر اسدالله ڏاھري سميت پوليس، پبلڪ هيلٿ، لوڪل گورنمينٽ، سمورن تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي عملدارن شرڪت ڪئي.

مَي 23, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو