سکر : زمين جي ٽڪڙي لاءِ هارين سان تڪرار، فائرنگ ۽ گهر ساڙڻ جا الزام

Spread the love

سکر ( بيورو رپورٽ  )ڪوٽ ڊيجي ۾ اڳوڻو ايم پي اي زمين جي ٽڪڙي لاءِ ماڻهن جو جاني دشمن بڻجي ويو، هارين کي مارڻ جي ڪوشش، هارين تي فائرنگ، ڪيترائي گهر ساڙي ڇڏيا، اسان جي زمينن جو پاڻي به بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي،

ڊاڪٽر محمد علي ۽ ايڊووڪيٽ امجد علي ابڙو جو اظهار تفصيل موجب، خيرپور ضلعي جي تعلقي ڪوٽ ڊيجي جي رهواسين ڊاڪٽر محمد علي ابڙو ۽ ايڊووڪيٽ امجد علي ابڙو جي اڳواڻي ۾ ابڙو برادري اڳوڻي ايم پي اي ۽ پيپلز پارٽي جي اڳواڻ منظور وساڻ خلاف احتجاج ڪندي ٻڌايو ته منظور وساڻ پنهنجو سياسي اثر رسوخ استعمال ڪري اسان جي اباڻي زمين تي قبضي جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ۽ ان لاءِ اوڇا طريقا اختيار ڪري رهيو آهي.

انهن ٻڌايو ته ڪجهه ڏينهن اڳ اڳوڻي ايم پي اي جي ماڻهن اسان جي زمين تي قبضي جي ڪوشش ڪندي ايڊووڪيٽ امجد علي ابڙو ۽ اتي ڪم ڪندڙ هارين تي فائرنگ ڪئي، اسان جي زمينن جو پاڻي بند ڪرڻ جي زبردستي ڪوشش ڪئي، ۽ ڪجهه ڏينهن بعد ئي اسان جي هارين جي گهرن کي باهه لڳرائي وئي،

جنهن سبب ڪيترائي گهر ساڙي ويا.احتجاج ڪندڙن پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، وزيراعظم، وزيراعليٰ سنڌ، چيف جسٽس پاڪستان ۽ سنڌ کان مطالبو ڪيو ته اسان ۽ اسان جي هارين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ۽ اڳوڻي ايم پي اي ۽ ان جي ماڻهن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي،

 ڇو ته اهڙا ماڻهو پيپلزپارٽي کي بدنام ڪرڻ جا سبب بڻجي رهيا آهن ۽ ماڻهن ۾ پارٽي جي ساک خراب ڪري رهيا آهن. اسان کي اميد آهي ته بلاول ڀٽو پنهنجي پارٽي جي ساک بچائڻ لاءِ اهڙن ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪندا.ٻئي پاسي، پيپلزپارٽي جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي ايم پي اي منظور وساڻ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته مان هڪ سياسي ماڻهو آهيان، هميشه ماڻهن جي خدمت جو جذبو رکيو آهي.

جنهن زمين جي قبضي جو الزام مخالف لڳائي رهيا آهن، ان جا سڀ قانوني دستاويز منهنجي حوالي سان موجود آهن. اها زمين مون اڳوڻي وزيراعليٰ سيد غوث علي شاهه جي سفارش تي هڪ بيواهه عورت کان خريد ڪئي آهي،

جنهن جو پاور آف اٽارني به منهنجي نالي تي آهي. مان ڪنهن جي خلاف ڪارروائي ڇو ڪندس؟ مان رڳو اهو چاهيان ٿو ته جيڪا زمين مون خريد ڪئي آهي، اها منهنجي نالي تي منتقل ٿئي. هن چيو ته مخالفن جا الزام بي بنياد ۽ بي جا آهن.

مَي 23, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو