سانگھڙ: ڊپٽي ڪمشنر جو سوشل ميڊيا تي وڻن جي غيرقانوني واڍي جو فوري نوٽيس، ڪاٺ سان ڀريل 7 ٽراليون ضبط ڪري ڪيس داخل

Spread the love

سانگھڙ(رپورٽ:شاهنواز رونجهو) ڊپٽي ڪمشنر سانگھڙ سوشل ميڊيا تي وڻن جي غير قانوني واڍي جي خبرن جو نوٽيس ورتو، ڪاٺ سان ڀريل ست ٽراليون هٿ ڪري پوليس حوالي ڪري ڇڏيون، ڪيس داخل،

ڊپٽي ڪمشنر سانگھڙ ساره جاويد سوشل ميڊيا تي خبر اچڻ کان پوءِ وڻن جي غيرقانوني ڪٽائي تي فوري نوٽيس وٺندي، رات جي اونداهيءَ ۾ پاڻ ڪارروائي ڪئي. ڪارروائي دوران سرڪاري وڻن جي ڪاٺ سان ڀريل ست ٽراليون هٿ ڪري پوليس حوالي ڪيون ويون.

ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر شفيق احمد آريسر به ساڻس گڏ هو. اسسٽنٽ ڪمشنر جو چوڻ هو ته سوشل ميڊيا تي غيرقانوني ڪٽائي ۽ ڪاٺ سان ڀريل ٽرالين جون تصويرون ۽ ڄاڻ سامهون اچڻ تي ڊپٽي ڪمشنر فوري نگرانيءَ جا حڪم جاري ڪيا. ڪارروائي دوران فاريسٽ کاتي کي به متحرڪ ڪيو ويو. فاريسٽ کاتي جي شڪايت تي ست ڪاٺ سان ڀريل ٽرالين ۽ لاڳاپيل ٽريڪٽرن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. اسسٽنٽ ڪمشنر جو چوڻ هو ته وڻ انساني زندگي لاءِ ضروري آهن، ۽ ڪنهن به صورت ۾ انهن جي غيرقانوني ڪٽائي برداشت نه ڪئي ويندي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت وڻن جي حفاظت لاءِ سخت قانون لاڳو ڪري چڪي آهي، جن جي تحت وڻن جي غيرقانوني ڪٽائي، منتقلي ۽ وڪرو سزا جوڳو ڏوھ آهي. ان سلسلي ۾ فاريسٽ ايڪٽ 1927، سيڪشن 144 جي نفاذ ۽ عدالتي حڪمن جي روشنيءَ ۾ ڪارروائيون ڪيون پيون وڃن.

مَي 23, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو