ڪراچي: مقامي حڪومتن ۾ معذور ۽ ٽرانسجينڊر ماڻهن جي نمائندگيءَ بابت اهم مشاورت

Spread the love

ڪراچي (رپورٽر) مشھور سماجي ورڪر ۽ ازا فائونڊيشن جي جنرل سيڪريٽري نسيم اختر شيخ، ريجنل اليڪشن ڪمشنر ڪراچي عبدالرحمان آرائين سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي، جيڪا ڪراچي سميت سنڌ جي مقامي حڪومتن ۾ معذور ۽ ٽرانسجينڊر ماڻهن لاءِ مخصوص خالي سيٽن بابت مشاورت لاءِ ڪوٺائي وئي هئي،

ملاقات ۾ ڪراچي جي
سڀني ضلعن جا ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر پڻ موجود هئا. ان موقعي تي نسيم اختر شيخ چيو ته: “معذور ۽ ٽرانسجينڊر ماڻهن لاءِ مقرر مخصوص سيٽن کي ڀرڻ سان انهن طبقن جي شموليت کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو، جيڪو هڪ مثبت ۽ اڳڀرو قدم هوندو۔ خوشي جي ڳالهه آهي ته اليڪشن ڪميشن ان سلسلي ۾ اڳڀرائي ڪري رهيو آهي ۽ دلچسپي سان ڪم ڪري رهيو آهي۔” ريجنل اليڪشن ڪمشنر عبدالرحمان آرائين چيو ته اليڪشن ڪميشن مقامي حڪومتن جي مخصوص سيٽن بابت قانوني فريم ورڪ جو جائزو وٺي رهيو آهي،

۽ تمام ضروري مرحلن تي ڪم جاري آهي۔ هن چيو: “اسان جو مقصد هڪ شفاف، منصفاڻي ۽ شراڪتي چونڊ عمل کي يقيني بڻائڻ آهي، جتي هر شهري کي مناسب نمائندگي ملي۔” اجلاس دوران ڊسٽرڪٽ اليڪشن آفيسرن طرفان موجوده صورتحال، خالي مخصوص سيٽن جي تفصيل، ۽ تجويزون پيش ڪيون ويون.

شرڪت ڪندڙن طرفان تجويز ڏني وئي ته معذور ۽ ٽرانسجينڊر ماڻهن لاءِ نامزدگيءَ جو عمل آسان بڻائڻ، نالا تجويز ڪرائڻ، ۽ آگاھي مهم هلائڻ لاءِ گڏيل قدم کنيا وڃن. ازا فائونڊيشن طرفان انھيءَ ٿيل ملاقات جي روشنيءَ ۾ هڪ سفارشنامو ريجنل اليڪشن ڪمشنر کي پيش ڪيو ويندو، جنهن ۾ خالي سيٽن کي ڀرڻ، نمائندگيءَ جي عمل ۾سھولتون پيدا ڪرڻ ۽ سماجي شموليت کي ھٿي وٺرائڻ بابت تجويزون شامل هونديون.

مَي 22, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو