ڀان سيد آباد پوليس منشيات فروش حبيب الله چنا کي Z-21 سميت گرفتار ڪري ورتو

سيوھڻ (رپورٽ: محمد صفر ايم سيوھاڻي) ضلعي پوليس ڄامشورو جي پريس رليز مطابق،ايس ايس پي ڄامشورو
جناب ظفر صديق ڇانگا جي هدايت هيٺ، ڀان سيد آباد پوليس ڏوهاري منشيات فروشن خلاف ڪارروائين جو سلسلو تيز ڪري ڇڏيو آهي،
ڊي ايس پي سيوهڻ عبدالله افضل، ايس ايڇ او ڀن سعيد آباد محمد علي کوکر جي نگراني ۾، هڪ ٻئي بدنام منشيات فروش جوابدار حبيب الله چنا کي ڀن سعيد آباد پوليس جي ڳجهي اطلاع تي ڇاپو هڻي گرفتار ڪيو ويو،
گرفتار ٿيل ملزم جي قبضي مان Z-21 جا 20 پيڪٽ ۽ نقدي هٿ ڪئي وئي آهي، گرفتار جوابدار خلاف ڀان سيد آباد پوليس اسٽيشن تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، وڌيڪ جاچ جاري آهي. ملزم جو ڪرمنل رڪارڊ هن ريت آهي.
01 جرم نمبر 72/2025 U/S 8 مين پوري گهٽڪا ايڪٽ @PS BHAN.
مَي 22, 2025