ڀارت سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي ته ڪشمير جي آزاديءَ کانپوءِ ڇهه ئي درياهه پاڪستان جا هوندا: ڊي جي آءِ ايس پي آر

Spread the love

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ ) پاڪ فوج جي ترجمان ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته جيڪڏهن ڀارت سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪندو ته ڪشمير جي آزادي کانپوءِ 6 درياهه پاڪستان جا هوندا.
قطري خابرو اداري الجزيرا کي انٽرويو ڏيندي پاڪ جي فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته پاڪ فوج ڀارتي فوج کي اهڙو سبق سيکاريو آهي جيڪو هو ڪڏهن به نه وساريندا، ڀارتي حملي کي منهن ڏيڻ لاءِ جيڪا حڪمت عملي اختيار ڪئي اُها ڪيئي ڏهاڪن تائين پڙهائي ويندي.
ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته پاڪستاني فوج ڀارت مٿان سرسي حاصل ڪري چڪي آهي ۽ تازي ڇڪتاڻ دوران ڀارت پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام رهيو.
هن چيو ته ڀارت خلاف حاصل ڪيل سرسي عوام جي دلين ۾ فوج لاءِ محبت وڌائي ڇڏي آهي ۽ هاڻي فوج عزت ۽ فخر جي علامت بڻجي چڪي آهي.
تازي ڇڪتاڻ دوران پاڪستان ۽ ڀارت مان ڪير فاتح رهيو؟ بابت سوال تي پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته اسان هميشه چوندا آهيون ته جنگ اسان جي آهي ۽ ۽ فتح به الله جي آهي، تنهنڪري ان جو جواب عالمي برادري ۽ غير جانبدار مبصرن وٽ آهي، ڇو ته اِهي درست جواب ڏئي سگهن ٿا.
هن چيو ته جيڪڏهن توهان پاڪستان جي شهرن ۽ رستن جو دورو ڪريو ته توهان کي ان سوال جو واضح جواب ملي ويندو، عوام جي چهري تي خوشي ۽ جشن ڏسي سگهو ٿا، تنهنڪري جواب بلڪل صاف آهي.
ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته معاملو رڳو عسڪري ميدان تائين محدود ناهي ۽ نه ئي هوائي ۽ زميني جنگ تائين محدود آهي پر پاڪستان هن تڪرار ۾ ڀارتي دوکي، دٻاءُ، ۽ جارحيت جا ڪيترائي پاسا وائکا ڪيا آهن.
هن چيو ته پهلگام واقعي کانپوءِ ڀارت هڪ هٿ ٺوڪي ڪهاڻي گهڙي ۽ پاڪستان جو مطالبو سادو هو ته جيڪڏهن ڪنهن پاڪستاني شهري جي ملوث هئڻ جو ڪو ثبوت آهي ته پيش ڪيو، پر ڀارت وٽ ڪو جواب نه هو ۽ اڃا تائين ناهي.
ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته ڀارت پنهنجي ڀرپور هوائي طاقت ۽ دفاعي نظام سان پنهنجي مرضي ۽ وقت تي آيو، پر اسان انهن جا 6 جهاز ڪيرايا، انڪري اسان سرسي حاصل ڪئي ۽ اسان کين سخت ترين سزا ڏني، دنيا ڏٺو ته ڀارتي فوج ڪيترن هنڌن تي اَڇو جهنڊا لهرائي ڇڏيو.
هن چيو ته اسان ڀارت تي حملو نه ڪيو، اسان جو جواب رات ي اونداهي ۾ نه هو جيئن بزدل ڪندا آهن، اسان اعلان ڪيو ته اسان جواب ڏينداسين، ان لاءِ تيار رهو، اسان 26 هدفن جي چونڊ ڪئي ۽ 26 کي نشانو بڻايو.
سندس چوڻ هو ته معلومات جي ميدان ۾ به اسان جو ڪردار صاف ۽ شفاف رهيو، سچ چيو، ڪوڙ نه ڳالهايو، جڏهن ته ڀارتي ميڊيا ۽ حڪومت مسلسل ڪوڙ ڦهلائيندي رهي.
ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته ڀارتي ميڊيا تي خبرون هلايون ويون ته انهن ڪراچي بندرگاهه تي حملا ڪيا، ڪيترائي جهاز ڪيرايا ۽ وزيراعظم کي محفوظ هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي، ايستائين جي ڀارتي هاءِ ڪمشنر جعلي ماڻهن جو تصويرون ڏيکاريون ۽ چيو ته اُهي دهشتگرد آهن، جن ۾ هڪ نمازي پڻ شامل جيڪو حقيقت ۾ هڪ عام شهري هو.
ترجمان چيو ته ڀارت جي وڏي مشڪل اِها آهي ته هو پاڻ تي حد کان وڌيڪ اعتماد ڪندو آهي ڪري ٿو ۽ اسان نه ٿا ڄاڻون ته اِهو اعتماد ڪٿان آيو، وٽن غلط اندازا ۽ مفروضا هئا ته هو شهري هنڌن، مسجدن تي حملو ڪندا ۽ ڪجهه نه ٿيندو، پاڪستان جواب نه ڏيندو، تنهنجري هاڻي هو من گهڙت ڪهاڻيون ٺاهي رهيا آهن ۽ هو ان ۾ ماهر آهن.
هن چيو ته ڀارت وٽ انتهائي طاقتور ميڊيا آهي جڏهن ته ٿيٽر ۽ فلمن ۾ به پاڪستان کان گهڻو اڳتي آهن، پوءِ به هو مختلف ڪهاڻيون پيش ڪندا رهندا آهن، مثال طور ڪالهه هنن چيو ته پاڪستان امرتسر ۾ سکن جي مقدس هنڌ ” گولڊن ٽيمپل“ تي حملو ڪيو، جيڪا انتهائي کِل جوڳي ڳاهه آهي.
پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته اسان پنهنجي حفاظت ڪري رهيا آهيون، پنجاب جي حفاظت ڪري رهيا آهيون ۽ علائقي جي سمورن مقدس جاين ۽ مذهبي فرقن جو تمام گهڻو احترام ڪندا آهيون، اسان جي ۽ سکن جي وچ ۾ گڏيل ثقافت، محبت ۽ هڪ پنجابي زبان آهي، اسان جو اِهو طريقو ناهي ته اسان ڪنهن به شهري يا مذهبي جاءِ تي حملو ڪيون، اِهو اسان جي اصولن ۽ دين جي ابتڙ آهي.
احمد شريف چوڌري چيو ته ڀارتين کي پهريان پنهنجي ساک بحال ڪرڻي پوندي پوندي ۽ ساک هزارين ويب سائيٽون بند ڪرڻ، ميڊيا تي پابند ي مڙهڻ يا حڪومت تي تنقيد ڪندڙن کي قيد ڪرڻ سان نه سچ ڳالهائڻ سان ٺهندي آهي.
سنڌ طاس معاهدي جي معطلي بابت سوال تي لفيفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته رڳو هڪ چريو ئي سوچي سگهي ٿو ته هو 24 ڪروڙ انسانن جو پاڻي روڪي سگهي ٿو، ڪو به ائين نٿو ڪري سگهي، اسان کي حقيقتن کي سمجهڻو پوندو.
هن چيو ته حقيقت اِها آهي ته ڪشمير مان ڇهه درياهه وهن ٿا، جيڪو گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب هڪ تڪراري علائقو آهي، 1960ع ۾ ورلڊ بئنڪ ٽياڪڙي هڪ معاهدو ڪرايو هو جنهن تحت ٽي درياهه پاڪستان کي ۽ ٽي درياهه ڀارت کي ڏنا ويا هئا.
هن چيو ته جيڪڏهن ڀارت ان معاهدي جي پاسداري نٿو ڪري چاهي ته ياد رهي ته ڪشمير هڪ تڪراري علائقو آهي، جيڪڏهن سڀاڻي ڪشمير پنهنجي عوام جي مرضيءَ سان پاڪستان ۾ شامل ٿيو ته اِهي سمورا 6 درياهه پاڪستان جا هوندا .
غزا جي صورتحال بابت سوال تي پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته جيڪو ڪجهه غزا ۾ ٿي رهيو آهي اِها نسل ڪشي آهي ۽ بلڪل ناقابلِ قبول آهي، هي انساني ضمير تي هڪ ڪارو چٽو آهي، اتي جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي هو اسان کي پاڪستان ۽ عسڪري اختيارين طور هڪ سبق سيکاري ٿو ته توهان وٽ پنهنجي طاقت هئڻ گهرجي، مضبوط ۽ ثابت قدم رهڻ گهرجي.

مَي 22, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو