ڀارت سنجيدگي ڏيکاري ته ڳالهين لاءِ تيار آهيون: اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان کي ڀارت سان ڳالهين جي ڪا تڪڙ ناهي پر جيڪڏهن نئين دهلي سنجيدگي ڏيکاري ته اسلام آباد ڳالهين لاءِ تيار آهي.
اسلام آباد ۾ نيوز ڪانفرنس ڪندي اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان جو بيانيو سچ تي ٻڌل هو، پاڪستان ڀارت جو موقف ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو، اسان ڀارت جيان ڊڄڻا ناهيون، پاڪستان جوابي ڪارروائي مڪمل طور تي پبلڪ ڪئي.
هن چيو ته چيني قيادت ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو آهي ته خطي ۾ ڇڪتاڻ جو بنيادي ڪارن ڪشمير مسئلو حل نه ٿيڻ آهي، اسان عالمي سطح تي ڀارت جي ڪوڙ کي وائکو ڪيو ۽ هاڻ دنيا به انهن جي دعوائن تي يقين نه پئي ڪري.
سندس چوڻ هو ته جنگبندي آمريڪي نائب پرڏيهي وزير روبيو جي ڪال کانپوءِ ممڪن ٿي، جنهن تي اڳ ۾ ڀارت راضپو ظاهر ڪيو ۽ پوءِ پاڪستان به اتفاق ڪيو، اها جنگبندي مرحلي وار ڪاميابي سان اڳتي وڌي رهي آهي پر افسوس جو پاڙيسري ملڪ جي بچاءَ واري وزير ان کي ٽريلر قرار ڏنو ۽ چيو ته فلم اڃا باقي آهي، شرافت ۽ عزت ان ۾ ئي آهي ته صلح ڪئي وڃي.
ان کان اڳ سينيٽ اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي اسحاق ڊار چيو ته خضدار ۾ اسڪول بس تي حملو برداشت جوڳو ناهي، انڊين پراڪسيز کي مُڙڻ گهرجي ۽ ڀارت کي جيڪو جواب مليو، ان مان سبق سکڻ گهرجي.