هاڻي مودي سرڪار پاڪستان تي حملي کان اڳ سئو ڀيرا سوچيندي، پاڪ فوج 1971 جو پلاند وٺي ڇڏيو: وزيراعظم

Spread the love

مظفرآباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ڀارت کي هاڻي خبر پئجي وئي آهي ته پاڪستان جون فوجون پنهنجي دفاع لاءِ هر وقت تيار آهن، هاڻ مودي سرڪار پاڪستان تي ٻيهر حملو ڪرڻ کان اڳ سئو ڀيرا سوچيندي.
وزيراعظم مظفرآباد ۾ ڀارتي حملي ۾ شهيد ۽ زخمي ٿيل شهرين جي وارثن ۾ امدادي چيڪ ورهائڻ واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ڪشمير معاملن بابت وفاقي وزير امير مقام سميت ٻيا حڪومتي عملدار پڻ موجود هئا.
تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ اهڙي جنگ ڇڙي جيڪا ڪنهن به وقت خطرناڪ رخ اختيار ڪري سگهي پئي.
هن چيو ته پهلگام وارو واقعو انتهائي افسوسناڪ هو، پر ڀارت ان جي آڙ ۾ پاڪستان تي ڪوڙا الزام لڳايا ۽ خطي جي امن کي خطري ۾ وڌو.
هن چيو ته پاڪستان عالمي برادري آڏو ڀارتي الزامن کي بي بنياد قرار ڏيندي واقعي جي آزداڻي جاچ جو مطالبو ڪيو، پر ڀارت کي اها ڳالهه نه وڻي ۽ هن آزاد ڪشمير سميت پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ عام شهرين کي نشانو بڻايو.
شهباز شريف چيو ته جواب طور پاڪستان عام ماڻهن بدران ڀارت جا ڇهه جهاز تباهه ڪيا، جن ۾ رافيل ۽ مگ-29 شامل هئا، الفتح ميزائل ڀارت کي تڪبر هو ته دنيا جون طاقتون ان سان گڏ آهن پر ائين نه ٿيو.
وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي جوابي ڪارروائي کانپوءِ آرمي چيف کيس فون تي اطلاع ڏنو ته ڀارت جنگ بندي يعني گوڏا کوڙڻ لاءِ تيار آهي، هاڻي مودي سرڪار پاڪستان تي ٻيهر حملو ڪرڻ کان اڳ سئو ڀيرا سوچيندي، اسان جي ٽنهي فوجن گڏجي 1971 جو بدلو وٺي ڇڏيو.

مَي 22, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو