فيلڊ مارشل جو اعزاز ملڻ تي جنرل سيد عاصم منير کي مبارڪباد پيش ڪجي ٿي
پاڪستان جي فوجي قيادت هميشه کان ملڪ جي سلامتي، استحڪام ۽ دفاع ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، جنھن جي دنيا ساراھ ڪري ٿي، تازو ڀارت پاران پاڪستان خلاف ڪيل روايتي اڳرائيءَ جو جھڙي طرح سان ٺوس بنيادن تحت اختيار ڪيل حڪمت عملي ۽ جديد ٽيڪنالوجي وسيلي جيڪو منھن ٽوڙ جواب ڏنو ويو، ان جو دنيا جي تاريخ ۾ ڪوبھ مثال نھ ٿو ملي، جنھن جو ڪريڊٽ يقينن ايئر فورس، نيوي ۽ پاڪ فوج جي عظيم قيادت ڏانھن وڃي ٿو، دشمن جي خطرناڪ جارحيت سان منھن ڏيڻ لاءِ جھڙي نموني سان لاڳاپيل ٽنھي فوجن جي سربراھن جيڪا منصوبھ بندي ڪئي ان جو ڪريڊٽ ٽنھي سربراھن ڏانھن وڃي ٿو، پر اھڙي سموري حڪمت عملي جي ڪمانڊ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير ڪئي، جنھن جو صلو قوم پاران کيس ملڻ گھرجي ھا، اھڙي ضرورت کي محسوس ڪندي پاڪستان جي وزير اعظم شھباز شريف، دفاع واري وزارت پاران تجويز پيش ڪئي ته موجوده چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير کي “فيلڊ مارشل” جي اعزاز سان نوازيو وڃي، ڇاڪاڻ تھ انھيءَ پنهنجي خداداد صلاحيتن تحت نه رڳو فوجي ادارن کي جديد بڻائڻ لاءِ اهم قدمکنيا پر پاڪستان کي درپيش ڪيترن ئي اندروني توڙي بيروني خطري وارين حالتن مان ٻاھر ڪڍي امن ۽ استحڪام واري پاسي ڏانھن وٺي اچڻ ۾ڪاميابي حاصل ڪئي. اھڙي تجويز جي صدر مملڪت پڻ حمايت ڪئي تھ جنرل سيد عاصم منير کي ملڪ جي اعليٰ رياستي اعزاز “فيلڊ مارشل” جو اعزاز ڏيڻ وقت جي اھم ضرورت آھي، جنھن جي منظوري وفاقي ڪابينا پاران پڻ ڏني وئي. اھڙي طرح سان فائيو اسٽار جنرل چيف آف آرمي اسٽاف سيد عاصم منير کي فيلڊ مارشل جو اعزاز پيش ڪرڻ جو باضابطھ طور تي حڪومتي سطح تي اعلان ڪيو ويو، جنھن سان پاڪستاني قوم جو فخر وچان ڪنڌ اوچو ٿي ويو آھي، انھيءَ موقعي تي پاڪستاني قوم جنرل سيد عاصم منير کي مبارڪباد پيش ڪري ٿي. ملڪ جي 75سالن جي تاريخ ۾سيد عاصم منير کان اڳ فوجي جنرل ايوب خان کي 1958ع دوران اھڙي اعزاز سان نوازيو ويو ھو. فيلڊ مارشل جو عهدو فوجي قيادت جو سڀ کان اعليٰ درجي جو اعزاز آهي، جيڪو تاريخي طور تي رڳو خاص ۽ غيرمعمولي قيادت ڪندڙ جنرلن کي ڏنو ويندو آهي. دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن اندر اھڙي عهدي کي علامتي اعزاز سمجهيو ويندو آهي، جيڪو نه رڳو فوجي قابليت جو اظهار ڪري ٿو پر قوم جي طرفان غيرمعمولي خدمت جو اعتراف پڻ ھوندو آهي. فيلڊ مارشل جو اعزاز ملڻ سان جنرل سيد عاصم منير ڪيترين رياستي رعايتن جو حقدار بڻبو. ان حوالي سان حڪومتي حلقن جو چوڻ آھي تھ جنرل سيد عاصم منير روايتي طور تي جيڪڏھن حڪومت کيس چيف آف آرمي اسٽاف جي عھدي ۾ توسيع نھ ٿي ڪري تھ پوءِ بھ ھو انھيءَ عھدي تان رٽائر ٿي ويندو، پر روايتي طور تي رٽائر ٿيندڙ جنرل جيان ھو پنھنجي وردي واپس نھ ڪندو ۽ ھو سموري زندگي ڪنھن بھ تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ وقت پنھنجي فوجي وردي کي استعمال ڪري سگھندو، اھڙي طرح سان سموري عمر رياستي پروٽوڪول، اعليٰ سڪيورٽي، سرڪاري گاڏي، سرڪاري رهائش، پينشن ۾ واڌ، بين الاقوامي دوري دوران پرڏيھھ ۾ پڻ پروٽوڪول جو حقدار رھندو ۽ دفاعي پاليسين ۾راءِ ڏيڻ، قومي سلامتي سان لاڳاپيل فورمن ۾ شرڪت، ان حوالي سان ڪوآرڊينيشن جھڙيون ذميواريون کيس سنڀالڻيون ھونديون جڏھن تھ خاص تقريبن ۾ موجودگي بھ پروٽوڪول جو حصو ھوندي.چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير کي فيلڊ مارشل جو اعزاز ملڻ پاڪستان جي فوجي قيادت جي اڻٿڪ محنت، فرض شناسي ۽ بهادري جو کليل اعتراف آهي. اھڙي قدم سان نه رڳو قوم جي اعتماد ٿيندو پر مستقبل ۾ عسڪري قيادت لاءِ پڻ وڌيڪ حوصلي جو سبب بڻجندو.
مَي 22, 2025