عمرڪوٽ ۾ يومِ تشڪر تقريب، پاڪ فوج جي ڪاميابي تي ريلي، آتشبازي ۽ قومي جذبي جو اظهار

Spread the love

ڇور (رپورٽ:لالجي سوڍو) عمرڪوٽ ۾ سماجي تنظيم ايم ڊي ايف طرفان پ پ ايف جي سھڪار سان يوم تشڪر ملھائڻ جي حوالي سان تاريخي ماڳ قلعي کان پريس ڪلب تائين ريلي، تقريب منعقد، ڪيڪ ڪاٽيو ويو،

پاڪ فوج زنده آباد جا نعرا، شاندار آتشبازي پڻ ٿي گذري. خبر موجب عمرڪوٽ ۾ سماجي تنظيم ايم ڊي ايف پاران پي پي ايف جي سھڪار سان آپريشن ”بنيان المرصوص“ جي ڪاميابي ۽ يوم تشڪر ملھائڻ جي حوالي سان تاريخي ماڳ عمرڪوٽ قلعي کان ايم ڊي ايف جي پروجيڪٽ مئنيجر عالمگير ٻلال، سماجي اڳواڻ خالد حسين ميمڻ، رضوان علي راھو، راجيش ڪمار سوني، گووند موھن لال رتناڻي، معشوق علي، شاھد علي شاھ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ويئي

 جنھن ۾ سماجي حلقن، مختلف ڳوٺاڻن سميت شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ بعد ۾ پريس ڪلب آڏو يوم تشڪر تقريب منعقد ٿي گذري جنھن دوران تقريب ۾ شريڪ ٿيندڙن طرفان پاڪستان زنده آباد پاڪ فوج زنده آباد جا نعرا ھنيا ويا قومي ترانو پيش ڪيو ويو ۽ ڪيڪ ڪاٽڻ سميت مٺائي پڻ ورھائي ويئي ۽ شاندار آتشبازي پڻ ٿي گذري تقريب کي خطاب ڪندي سماجي تنظيم ايم ڊي ايف جي پروجيڪٽ مئنيجر عالمگير ٻلال چيو ته اسان جي پاڪ فوج دشمن ملڪ کي ثابت ڪري ڏيکاريو آھي ته اسان جي پياري ملڪ ڏانھن ڪوبه ميري اک کڻي به نٿو سگھي

 اسان سلام ٿا پيش ڪريون پنھنجي پاڪ فوج کي جن دشمن ملڪ کي ڀرپور نموني جواب ڏنو آھي اسان سڀ پاڪستاني، پاڪ فوج سان ڪلهي سان ڪلهو ملائي بيٺا آهيون، يومِ تشڪر ملهائڻ جو مقصد قوم کي ڪامياب آپريشن تي واڌايون ڏيڻ آهي،

مقررين آرمي چيف جنرل عاصم منير کي فِيلڊ مارشل جو اعزاز ملڻ تي مبارڪباد پڻ ڏني جڏھن ته تقريب کي خطاب ڪندي سينيئر صحافي ۽ سماجي اڳواڻ رسول بخش رحيمداڻي چيو ته پاڪ فوج هڪ قومي فوج آهي، جنهن “بنيان المرصوص” جي صورت ۾ تاريخي فتح حاصل ڪري قوم جو مٿو فخر سان مٿي ڪري ڇڏيو، هن نوجوانن جي حب الوطني ۽ اتحاد کي ساراهيندي چيو ته اهڙا نوجوان قوم جو سرمايو آهن،

هن پاڪ فوج ۽ ايئر فورس کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته انهن پنهنجي جنگي مهارت سان اهڙي انمول ڪاميابي حاصل ڪئي ان موقعي تي شاگرد جتندر سنگراسي سميت ٻين پڻ خطاب ڪيو تقريب ۾ سماجي حلقن، سول سوسائيٽي اڳواڻن، مختلف ڳوٺن جي عورتن، شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي جڏهن ته پنڊال ۾ “پاڪستان زنده باد” ۽ “پاڪ فوج زنده باد” جا نعرا گونجي رهيا اٿيا، ملي نغمن تي نوجوان جھومريون ھڻي خوشيءَ جو اظهار ڪيو آخر ۾ ملڪ جي سلامتي، شهيدن جي درجات جي بلندين لاءِ ۽ قومي اتحاد لاءِ خاص دعا گهري وئي.

مَي 22, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو