سڪرنڊ ۾ منشيات ۽ سماجي براين خلاف صحافتي ادارن جي گڏجاڻي، 25 مئي تي اي پي سي ڪوٺائڻ جو اعلان

Spread the love

سڪرنڊ (رپورٽ: راج ڪماراوڏ)  سڪرنڊ ۾ وڌندڙ منشيات جي وڪري خلاف سڪرنڊ جي صحافتي ادارن جي ويهڪ سڪرنڊ پريس ڪلب جي ميزبانيءَ ۾ صدر مير محمد ڪيريو جي صدارت هيٺ ٿي گذري.

گڏجاڻيءَ ۾ سڪرنڊ پريس جي ا جاويد سنائي، رضا محمد سيال راج ڪماراوڏ نيشنل پريس ڪلب جي سرواڻ غلام قادر چانڊيو، منصور شهزاد، سنڌ پريس ڪلب جي صدر نياز چانڊيو، واحد بخش عمراڻي، ميڊيا سينٽر جي صدر قربان عمراڻي، مهتاب جمالي، پرائيم ميڊيا هائوس جي صدر شبير احمد راجپوت، اعظم راول ۽ يونائيٽيڊ سوشل فورم جي صدر نياز لاشاري شرڪت ڪئي.

جتي اهو عزم ڪيو ويو ته  منشيات مٺو زهر آهي، جيڪو اسان جي نوجوان نسل کي آهستي آهستي موت جي منهن ۾ ڌڪي رهيو آهي. منشيات وڪرو ڪندڙ ۽ انهن جي پٺڀرائي ڪندڙ طاقتور هٿ سماج دشمن آهن. انهيءَ ڪڌي ڪاروبار خلاف ڀرپور آواز اٿاريو ويندو.

 ان کان علاوه سڪرنڊ ۾ سر عام هلندڙ فحاشي ۽ ٻين سماجي براين خلاف قلم جي طاقت کي استعمال ڪري انهن جي خاتمي لاءِ پنهنجو مخلصاڻو ڪردار ادا ڪيو ويندو. جڏھن ته گجاڻيءَ ۾ فيصلو ڪيو ويو ته 25 مئي آچر جي ڏينهن 10:00 وڳي قاضي الھ ورايو ميمڻ ھال سڪرنڊ پريس ڪلب ۾ اي پي سي ڪوٺائي ويندي.

جنهن ۾ شھر جي سياسي سماجي پارٽين ۽ تنظيمن جي اڳواڻن کي دعوت ڏني ويندي ۽ انهن جي مفيد صلاحن آڌار ۽ سهڪار سان منشيات، جوا، فحاشي ۽ ٻين براين خلاف عملي جدوجهد ڪئي ويندي. گڏجاڻيءَ ۾ صحافين ولي محمد ڀٽي، حاجي عبدالله مگسي،  مظهر سولنگي، بشير لاشاري، غلام نبي ملاح، مير جلباڻي ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي.

مَي 22, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو