سڪرنڊ ۾ سانوڻي جي برساتن بابت تيارين لاءِ ڊپٽي ڪمشنر عبدالصمد نظاماڻي جي صدارت هيٺ اهم اجلاس

Spread the love

سڪرنڊ (رپورٽ: راج ڪماراوڏ) ڊپٽي ڪمشنر شھيد بينظيرآباد عبدالصمد نظاماڻي جي صدارت ھيٺ ضلع ۾ سانوڻي جي امڪاني برساتن جي حوالي سان انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ ھڪ اجلاس اڄ ڊي سي آفيس جي درٻار ھال ۾ ٿي گذريو اجلاس ۾ مئير قاضي محمد رشيد ڀٽي، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر حسان ظفر، ٽائون چئيرمينز سيد عاطف زيدي، محمد حيات ڪاڪپيوٽو سميت صحت، تعليم، پبلڪ هيلٿ، ايل بي او ڊي، آبپاشي، زراعت، سمورن تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن، ميونسپل ۽ ٽائون ڪميٽين جي آفيسرن شرڪت ڪئي

 اجلاس کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر عبدالصمد نظاماڻي چيو تہ اجلاس گھرائڻ جو مقصد سانوڻي جي برساتن کان اڳ ڊرينيج نالن، سم نالن ڪ سميت پاڻي جي وھڪرن ۾ رڪاوٽ ايندڙ حددخلين کي ھٽائڻ آھي تہ جئين برساتي پاڻي جو  نيڪال آساني سان ٿي سگھي ڊپٽي ڪمشنر ايل بي او ڊي جي عملدارن کي هدايت ڪئي تہ برساتن کان اڳ سمورن ڊرينيج نالن ۽ سم نالن جي صفائي کي يقيني بڻايو وڃي

 جڏھن ته سموري مشينري کي چالو حالت ۾ پڻ رکيو وڃي ڊپٽي ڪمشنر ميونسپل ۽ ٽائون ڪميٽين جي عملدارن کي هدايت ڪئي تہ ھو پنھنجي علائقن ۾ پاڻي جي نيڪال واري سموري مشينري کي فعال بڻائين جڏھن ته ڊرينيج نالن جي صفائي واري ڪم تي پڻ خاص ڌيان ڏين  ۽ پمپنگ اسٽيشنن ۽ گھربل مشينري کي فعال رکيو وڃي

 ڊپٽي ڪمشنر سمورن تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن کي ھدايت ڪئي تہ ھو ڊرينيج ۽ سم نالن جو دورو ڪري رپورٽ ڏين ڊپٽي ڪمشنر صحت، لائيو اسٽاڪ، پبلڪ هيلٿ ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي عملدارن کي هدايت ڪئي تہ ھو سانوڻي جي امڪاني برساتن جي حوالي سان ڪانٽيجنسي پلان جوڙي ڊي سي آفيس کي ڏياري موڪلين اجلاس ۾ ايل بي او ڊي، ميونسپل ۽ ٽائون ڪميٽين جي عملدارن پاران پنھنجي پنھنجي علائقن ۾ سانوڻي جي برساتن کي منھن ڏيڻ لاءِ کنيل قدمن بابت آگاهي ڏني وئي.

مَي 22, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو