سنڌو ڊيلٽا جو وجودي بحران، پاڻيءَ جي کوٽ ۽ اسان جي ذميواري

Spread the love

محمد احسان لغاري

 سنڌو ڊيلٽا، جيڪو دنيا جي وڏن ۽ حياتياتي لحاظ سان متنوع ترين  ( شاھوڪار بايوڊائورسٽي) دريائي ڊيلٽائن مان هڪ  آهي، هاڻ هڪ گَھِري وجودي بحران جي ور چڙهيل آهي. سنڌو درياهه، جيڪو پاڪستان جي ڏکڻ ۾  سنڌ جي سامونڊي پٽي وٽ عربي سمنڊ سان ملي ٿو، ڪڏهن لکين ماڻهن جي گذر سفر، تمر جي ٻيلن، ماهيگيري، پکي ۽ جيوت لاءِ حياتيءَ جو سرچشمو هو. پر هاڻ، پاڻيءَ جي وھڪرن جي شديد گهٽتائي هن سڄي نظام کي اُٿلائي ڇڏيو آهي.

ڪوٽڙي بيئراج کان هيٺ وھڪرن جي تاريخي گهٽتائي ڪنهن هڪ سال جي نه، پر هڪ مستقل زوال جي سچي ڪهاڻي آھي. 1985 کان 2025 تائين جي ڊيٽا(انگ اکر) ٻن ويھن ويھن سالن جي  دورن ۾ ورهايون ته صورتحال جي سنگيني وڌيڪ ظاهر ٿئي ٿي:  پهرين دور (1985-2004) ۾ سالياني سراسري وهڪرو 31.10 MAF هو، جڏهن ته ٻئي دور (2005-2024) ۾ اهو فقط 16.94 MAF رهجي ويو، يعني 45 سيڪڙو کان به وڌيڪ گهٽتائي. اهو رڳو عدد نه، پر انهيءَ پاڻي جي اڻاٺ  جي علامت آهي جنهن تي سنڌو ڊيلٽا جو حياتياتي توازن قائم هو.

پنجن سالن جي “تبديل ٿيندڙ سراسري”/ موونگ ايورج مطابق، 1980ع جي آخر تائين 25 MAF جي سطح، 2000ع جي ڏهاڪي ۾ فقط 5 MAF تائين اچي ويئي، جيڪا انتهائي خطرناڪ تنزلي آهي. ان ڳالهه مان اھا چٽائي  ٿئي ٿي ته پاڻي جو قدرتي وهڪرو هاڻ حياتياتي گهربل حد کان هيٺ اچي چڪو آهي.

وري رٿابندي جي صورتحال اها آهي ته موجوده واٽر مينيجمينٽ پاليسيون اڃا تائين فرضي سراسري تي ٻڌل رهن ٿيون، جيئن ته چولستان واهه وغيره. جڏهن حقيقي وهڪرو 16.94 MAF آھي پر ان کي پراڻن سالن سان ملائي ستاويهھ ايم اي ايف يو ويو! موجودہ نظام لاءِ گھٽ پاڻي آھي ته اھڙي صورت ۾ نوان واهه ٺاهڻ نه رڳو پاڻيءَ جي موجوده نظام تي دٻاءُ وڌائڻ آهي،ڪنھن آباد ٻني جو پاڻي ورائڻو آھي بلڪه  ايندڙ نسلن جي حقن تي وار پڻ آھي.

پاڪستان جي  دريائن ۾ وھڪرا گهٽجي رهيا آهن: سنڌو، جهلم، چناب ۽ ڪابل ۾ گڏيل طور تي 5.27٪ گهٽتائي، ۽ اوڀر واري  دريائن( راوي، ستلج) ۾ 40٪ تائين پاڻي گھٽجي چڪو آھي. جنهن جو اثر سنڌ جي ڊيلٽا تي وڌيڪ پيو آھي، ڇاڪاڻ⁠ته باقي بچيل پاڻي به پهچڻ بند ٿي ويو آهي.

هي رڳو معيشت جو نه، پر فطرت جو به بحران آهي. تمر جا ٻيلا، جيڪي ڪڏهن 6 لک هيڪٽرز تي پکڙيل هئا، هاڻ 90٪ تائين ختم ٿي چڪا آهن. ڊيلٽا جي حياتياتي تنوع ۾ به 1980 کانپوءِ 75٪ کان وڌيڪ گهٽتائي اچي چڪي آهي. لٽ /زرخيز مٽي، جيڪا ڪڏهن 400 ملين ٽن ساليانو هوندي هئي، هاڻ چوٿين حصي کان به گهٽ آهي، جنهن سان 12 لک ايڪڙ زمين سمنڊ برد ٿي چڪي آهي. سمجھڻ گھرجي ان لٽ جي ڪري سنڌو جي وسيع ڊيلٽا ٺھي، سمنڊ پنھنجي حدن ۾ رهيو، بلڪه پوئتي ٿيو، تمر ۽ ان سان لاڳاپيل بايوڊايوورسٽي جو وايو منڊل جڙيو۔

1990ع واري ڏهاڪي ۾ ڊيلٽا مان ماهيگيري جي برآمد مان 10 ارب رپين (ان وقت جا ڏھ ارب) جي آمدني ٿيندي هئي، جيڪا هاڻ 80٪ تائين گهٽجي وئي آهي. زراعت، جيڪا مقامي آباديءَ جي 70٪ لاءِ روزگار جو ذريعو هئي، لوڻياٺل ۽ ڪلراٺيل زمينن جي ڪري پوئتي پئجي وئي آھي۔ اسان جو پنھنجو واھن وارو نظام پڻ اتي سڀ کان آخر ۾ پاڻي پھچائي ٿو. ڊيلٽائي ضلعن مان  ماڻهن جي مستقل لڏپلاڻ ان روزگار جي وسيع گھٽتائي جو زنده ثبوت آهي.

تحقيق ٻڌائي ٿي ته جيڪڏهن صورتحال اهڙي ئي رهي ته 2030 تائين وڌيڪ پنج لک ماڻهو ڊيلٽا ۽ ان جي ڀرپاسي جا علائقا ڇڏڻ تي مجبور ٿيندا. تمر جي ٻيلن جو خاتمو، پاڪستان جي قدرتي ڪاربان سنڪ کي تباهه ڪري رهيو آهي. ڪاربن سنڪ اھي وڻ يا ٻيلا ھوندا آھن جيڪي فضا مان وڌيڪ ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ جزب ڪندا  آھن۔ سامونڊي سطح ۾ واڌ جي شرح/ رفتار (2.4 ملي ميٽر في سال) مطابق، 2050 تائين سنڌ جي سمنڊ ڪناري جون لکين ايڪڙ زمينون سمنڊ جو حصو ھونديون.

1960ع جو سنڌو جي پاڻي جو معاهدو، هاڻ موسمي تبديلي، آبي سياست ۽ غير پائيدار حڪمرانيءَ جي دٻاءَ هيٺ آهي. افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته اسان پاڻ به ڊيلٽا جي تحفظ لاءِ سنجيده ڪوششون ناهن ڪيون. مٿي پاڻي جي مستقل وڌندڙ کڻت، غير موثر پاليسيون، ۽ پراڻا زرعي طريقا ۽ عمل،  سڀ گڏجي ڊيلٽا لاءِتباهيءَ جي رفتار کي تيز ڪن پيا.

اهڙي ماحول ۾، جتي ڀارت طرفان سنڌ طاس/ سنڌو جي پاڻي وارو معاهدو ھڪ طرفو  معطل ڪيو ويو آهي، اُتي پاڪستان جي لاءِ سنڌو ڊيلٽا جي تباهي کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ جي وڌيڪ اهميت آهي. مرندڙ ڊيلٽا، جيڪا موسمي تبديلي ۽ پاڻيءَ جي ناانصافيءَ جو بدترين مثال آهي، پاڪستان جي موقف کي بين الاقوامي پليٽفارم تي تقويت ڏئي سگهي ٿي. سنڌو ڊيلٽا جو بحران رڳو داخلي معاملو نه رهيو، پر هاڻ اهو عالمي آبي انصاف، موسمي انصاف ۽ حياتياتي تنوع( بايوڊائورسٽي) جي تحفظ جو مسئلو آهي. ان سان پاڪستان جو ڪيس مضبوط دليلن سان پيش ڪري سگھجي ٿو۔ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته وڌيڪ دير ڪرڻ کان سواءِ  ماحولياتي وهڪرن جي بحالي لاءِ قدم کنيا وڃن:هر سال گهٽ ۾ گهٽ 10 MAF پاڻي ڪوٽڙي کان هيٺ ڇڏيو وڃي؛

5,000 ڪيوسڪ جو مستقل وهڪرو رکيو وڃي؛

جديد زرعي ٽيڪنالاجي اختيار ڪئي وڃي؛

تمر جا ٻيلا بحال ڪري، ايڪو ٽورازم ۽ متبادل روزگار جا ذريعا پيدا ڪيا وڃن؛

عالمي فنڊنگ/ سھڪار ذريعي ڊيلٽا جي معيشت کي نئين سر زندگي ڏني وڃي.

اسان کي پاڻ کي اهو سوال ڪرڻو پوندو ته ڇا اسين سنڌو ڊيلٽا کي زنده رکڻ چاهيون ٿا؟ ڇا اسين پنهنجن ايندڙ نسلن کي بنا ڊيلٽا، بنا تمر، بنا ساحلي تحفظ جي دنيا ڇڏڻ چاهيون ٿا؟هي بحران اڻٽر ناهي. وقت اڃا به باقي آهي. پر ان لاءِ سياسي عزم، سائنسي بنيادن تي پاليسي، ۽ مقامي ماڻهن جي شمولیت ۽ ترقي تي ڌيان ڌرڻ ضروري آهي. سنڌو ڊيلٽا جي بقا رڳو سنڌ نه، پر پوري ملڪ جي ماحولياتي مستقبل لاءِ اهم آهي۔

مَي 22, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو