دفاعي بجيٽ ٽيڻي ۽ هڙني فورسز جي پگهار ٻيڻي ڪرڻ جي تجويز

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽر فيصل واوڊا دفاعي بجيٽ ٽيڻي ۽ سمورين فورسز جي پگهار ٻيڻي ڪرڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي
سينيٽ جي اجلاس دوران خيالن جو اظهار ڪندي سينيٽر فيصل واوڊا چيو آهي ته ترقياتي بجيٽ کي روڪڻو پوندو ۽ اُن رقم کي دفاع تي لڳائڻو پوندو، سندس چوڻ هو ته ٻاهرين ملڪ ويندڙ سفارتي وفدن ۾ مخالف ڌر جي ميمبرن کي به شامل ڪيو وڃي.
سينيٽر عرفان صديقي پنهنجي تقرير ۾ چيو ته ٻارن ۽ ٽرينن تي حملا ڪرڻ ڪنهن به صورت ۾ حقن جي جنگ نه آهي، اهڙا نام نهاد ناراض ماڻهو ڀارت کان پئسا ۽ هٿيار وٺي رهيا آهن، ساڻن ڪا به همدردي نه هئڻ گهرجي. هڪڙو ئي حل آهي، کين مڪمل طور چيڀاٽيو وڃي.
سينيٽر شيري رحمان چيو ته پ پ پ هر ممڪن حد تائين مسئلن جو حل ڳالهه ٻولهه ذريعي چاهي ٿي، پر جيڪي ماڻهو تشدد ڪري رهيا آهن، اهي سياسي ماڻهو نه آهن.
هن چيو ته جيڪڏهن ناراض آهن ته شڪايتن جو حل اهڙي طريقي سان ناهي ڪڍيو ويندو، معصوم ٻارن جو رت وهائيندڙن سان ڪا به سوديبازي ممڪن ناهي.

مَي 22, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو