ڪراچي کان لاهور ويندڙ شاليمار ايڪسپريس ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي

فيصل آباد (ويب ڊيسڪ) ڪراچي کان لاهور ويندڙ شاليمار ايڪسپريس ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جون ڪيتريون ئي بوگيون ڊي ريل ٿي ويون.
پنجاب جي شهر فيصل آباد ۾ دارالاحسان ڀرسان شاليمار ايڪسپريس رات دير سان ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي، ريلوي اختيارين موجب انجڻ سميت ٽرين جون 4 بوگيون پٽڙيءَ تان لهي ويون.
اختيارين ٻڌايو ته ٽرالر ڦاٽڪ تي ڦاسي پيو هو ته ڪراچي کان لاهور ويندڙ ٽرين پهچي وئي، حادثي ۾ 5 مسافر زخمي ٿي پيا.