پي ٽي آءِ پاران جنرل عاصم منير کي فيلڊ مارشل جو عهدو ملڻ تي مبارڪباد

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪِ انصاف جنرل عاصم منير کي فيلڊ مارشل جي عهدي تي ترقي ملڻ تي واڌايون ڏنيون آهن.
پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر پنهنجي بيان ۾ چيو ته جنرل عاصم منير کي فيلڊ مارشل بڻائڻ جو فيصلو ساراهه جوڳو آهي، سپهه سالار ڀارت خلاف تازي ڇڪتاڻ واري صورتحال ۾ شاندار ڪردار ادا ڪيو ۽ اسان ڀارت خلاف هٿياربند فوجن جي ڪردار جي واکاڻ ڪريون ٿا.
هن وڌيڪ چيو ته پاڪستاني فوجن ڀارت خلاف بهترين حڪمت عملي سان جواب ڏنو.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن وفاقي ڪابينا جنرل سيد عاصم منير کي فيلڊ مارشل جي عهدي تي ترقي ڏيڻ جي منظوري ڏني هئي.

مَي 21, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو