پاڪستان ۽ افغانستان جو واپار، رابطي ڪاري ۽ سيڪيورٽي سهڪار وڌائڻ تي اتفاق

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ افغانستان واپار، رابطي ڪاري ۽ سيڪيورٽي سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب اسحاق ڊار بيجنگ ۾ افغان پرڏيهي وزير امير خان متقي سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻه طرفن لاڳاپن جي هاڪاري رجحان تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو، جڏهن ته ملاقات ۾ واپار، ٽرانزٽ ۽ سفارتي رابطن ۾ اڳڀرائي جي آجيان ڪئي وئي.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته ٻنهي اڳواڻن واپار، رابطي ڪاري ۽ سيڪيورٽي سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ۽ گڏيل مفادن کي هٿي ڏيڻ تي زور ڏنو.

مَي 21, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو