ٺٽو: جي يو آء ضلعي اڳواڻن جو يونٽ ٺينگا جو اهم تنظيمي دورو، دفاع وطن مارچ لاءِ تياريون زور وٺڻ جو اعلان

ٺٽو (نظير احمد قريشي ) جي يو آء ضلعي ٺٽي جي اڳواڻن جو يونٽ ٺينگا جو دورو جمعيت علماء اسلام ضلعي ٺٽي جي اڳواڻن مولانا عبدالوهاب بلوچ، مولانا سليم عاطف چانڊيو، مولانا شمس الدين شورو، ۽ مولانا محمد حسن ٺينگو پاران يونٽ ٺينگا جو اهم تنظيمي دورو ڪيو ويو۔ ان موقعي تي الطاف ٺينگو جي صدارت ۾ مجلس عمومي جو اجلاس ٿي گذريو، جنهن ۾ يونٽ جي سالياني ڪارڪردگي جو تفصيلي جائزو ورتو ويو۔
ضلعي اڳواڻن پاران يونٽ ٺينگا جي شاندار ڪارڪردگي تي مبارڪباد پيش ڪئي وئي ۽ تنظيم جي وڌيڪ بهتري لاءِ ضروري هدايتون ڏنيون ويون۔
اجلاس دوران اڳواڻن 15 مئي تي حيدرآباد ۾ ٿيندڙ “دفاع وطن ۽ اسرائيل مرده باد ملين مارچ ڪانفرنس” جي تيارين تي به زور ڀريو ۽ سڀني ڪارڪنن کي هدايت ڪئي ته تياريون تيز ڪيون وڃن۔ اجلاس وقت، فلسطين ۽ غزه جي مظلوم مسلمانن جي مدد لاءِ عمومي بر وقت بهتر فنڊ جمع ڪرايو ويو ۽اڃا وڌيڪ فنڊ هڪ هفتي اندر گڏ ڪري ضلعي جماعت تائين پهچائڻ جي به يقين دهاني ڪرائي وئي.
مَي 21, 2025