غنيٰ علي اداڪاري ڇڏڻ بابت هلندڙ خبرن خاموشي ٽوڙي ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪارا غنيٰ علي اداڪاري ڇڏڻ بابت هلندڙ خبرن تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي.
هڪ انٽرويوءَ دوران غنيٰ علي شوبز انڊسٽري ۽ پنهنجي فني سفر بابت تفصيلي ويچار ونڊيا.
هن ٻڌايو ته رمضان دوران جڏهن هوءَ اعتڪاف ۾ ويٺي هئي ته ان وقت سندس ڀاءُ موقعو ڏسي سوشل ميڊيا تي پوسٽ ڪري ڇڏي ته هئي مان شوبز انڊسٽري ڇڏڻ جو فيصلو ڪري چڪي آهي.
اداڪارا موجب، حقيقت اِها آهي ته سندس مڙس ۽ گهروارا نٿا چاهين ته هوءَ اداڪاري جاري رکي.
غنيٰ علي چيو ته اداڪاري سندس شوق آهي ۽ هوءَ پنهنجي گهروارن جي محبت ۽ حمايت سان هن شعبي ۾ ڪم ڪري رهي آهي.
فلمن ۾ ڪم ڪرڻ بابت سوال تي غنيٰ علي جو چوڻ هو ته هوءَ شادي شده عورت آهي، تنهنڪري جيڪڏهن ڪنهن سٺي ڪردار جي آڇ ٿئي جيڪو اخلاقي حدن اندر هجي ته هوءَ ضرور ڪم ڪندي.