سڪرنڊ: حاجي نظام الدين ميمڻ جو ٿيليسيميا سينٽر نوابشاھ جو دورو، هڪ لک رپين جي امداد جو اعلان

سڪرنڊ ( رپورٽ: راج ڪماراوڏ ) سڪرنڊ شهر جي ڪاروباري شخصيت حاجي نظام الدين ميمڻ پنهنجي نوجوان فرزند حسن نظام ميمڻ سان گڏ ٿيليسيميا ڪيئر سينٽر نوابشاھ جو دورو ڪيو جتي هن سينٽر جي مختلف شعبن جو معائنو ڪيو جنهن ۾ ليابرٽري ، بلڊ بينڪ ، فري فارما ، آئي سي يو ۽ ٻارن جا وارڊ شامل هئا
ان موقعي تي آئي ٽي آفيسر شاهد خان کيس ٻڌايو ته سنڌ جي 12 ضلعن مان 26 سئو کان وڌيڪ ٻار سينٽر ۾ رجسٽرڊ ٿيل آهن جن کي مفت رت ۽ دوائن سميت منجهند جو کاڌو پڻ ڏنو ويندو آهي مختلف شعبن جي معائني ۽ بريفنگ بعد حاجي نظام الدين ميمڻ سينٽر جي ڪارڪردگي مان متاثر ٿي ٿيليسيميا جي ٻارن جي ساهتا لاءِ هڪ لک روپيه امداد ڏني ۽ کين يقين ڏياريو ته سينٽر سان آئنده به سهڪار جاري رهندو حاجي نظام الدين ميمڻ وڌيڪ چيو ته هتي جو انتظام ڏسي محسوس ٿئي پيو ته شايد ڪنهن سڌريل ملڪ جي اداري ۾ آهيون پر خوشي ٿي رهي آهي
جو ههڙا ادارا اسان جي سونهاري سنڌ ۽ نوابشاھ جهڙي شهر ۾ آهن جنهن تي هن اداري جي سرواڻ ڊاڪٽر محمد صادق سيال کي سلام پيش ڪيون ٿا ان موقعي تي ٿيليسيميا پيشنٽ ويلفيئر سوسائٽي جو سيڪريٽري اطلاعات قاضي جاويد سنائي ، مينيجر فنانس عاطف سولنگي ۽ زڪوات آفيسر حسنين سولنگي پڻ موجود هئا.
مَي 21, 2025