سکر: اسپيڪر سنڌ اسيمبلي سيد اويس قادر شاهه پاران خضدار آرمي پبلڪ اسڪول بس حملو سخت لفظن ۾ مذمت ۽ شهيدن لاءِ دعائون
سکر ( رپورٽ: امداد گل ڪلوڙ) اسپيڪر سنڌ اسيمبلي سيد اويس قادر شاهه جي خضدار، بلوچستان ۾ آرمي پبلڪ اسڪول جي بس تي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته حملي جي نتيجي ۾ جاني نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي حملي ۾ شهيد ٿيلن جي وارثن سان تعزيت ۽ دلي همدردي جو اظهار ڪيون ٿا
سڄي قوم غم جي هن گهڙيءَ ۾ شهيد ٿيل ٻارن جي خاندانن سان گڏ بيٺل آهي،معصوم ٻارن جي بس تي حملو انتهائي بزدلاڻو ۽ شرمناڪ عمل آهي، جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي، اها گهٽ آهي معصوم ٻارن تي حملو ڪندڙ سفاڪ درندن جو نه ڪنهن مذهب سان واسطو آهي ۽ نه ئي انسانيت سان دهشتگردي جي بزدلاڻي ڪاررواين ۾ ملوث عنصرن سان لوهي هٿن سان منهن ڏنو ويندو.
دهشتگردي جي هن ڪارروائي جي منصوبابندين ۽ ڏوهي ماڻهن کي جلد قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. اسپيڪر سنڌ اسيمبلي طرفان حملي ۾ زخمي ٿيل ماڻهن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا پڻ ڪئي آهي ۽ الله پاڪ کان شهيدن جي بلند درجن لاءِ ۽ سوڳوار خاندانن کي هن نه ڀرجي سگهندڙ نقصان کي برداشت ڪرڻ لاءِ صبر جميل عطا ڪرڻ جي دعا فرمائي.
مَي 21, 2025