سيوهڻ: ٻار پڙهايو، سنڌ سنواريو ،اسٽار عوامي ايليمينٽري اسڪول پاران تعليمي جاڳرتا ريلي

Spread the love

سيوهڻ (رپورٽ: محمد صفر ايم سيوھاڻي) ٻار پڙهايو، سنڌ سنواريو.. سيوهڻ شريف ۾ اسٽار عوامي ايليمينٽري اسڪول بندر محله  سيوهڻ شريف پاران تعليمي جاڳرتا ريلي، سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي سهڪار سان اسڪول جي آپريٽر ميڊم حفيظان ڳنڀير , پرنسيپال ذوهيب حسن لاکو , وائيس پرنسيپال مشتاق احمد چانڊيو , استاد شيراز احمد چانڊيو , عبدالحميد اوٺو , عبدالوحيد چنه ۽ اجي ڪمار جي اڳواڻيء ۾ ريلي ڪڍي وئي،

ھن ريلي ۾ اسڪول جي شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت، تعليم پرايو سنڌ سنواريو جا نعرا هنيا ويا،والدين پنهنجن ٻارڙن خاص ڪري نياڻين کي تعليم ڏيارين مقررين جو ريلي کي خطاب، مقررين جو وڌيڪ چوڻ ھئو تہ ڪوبه ٻار اسڪول کان ٻاهر نه هجي،ان سلسلي ۾ اسڪول ۾  داخلا وڌائڻ لاء جاڳرتا مهم هلايون پيا، تعليم هر ٻار جو بنيادي حق آهي،

سنڌ سرڪار ۽ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي سهڪار سان مفت ۾ بهتر ۽ معياري تعليم فراهم ٿئي پئي، والدين پنهنجا ٻار اسڪول ۾ موڪلين،سيف جي اسڪولن ۾ مفت ڪتاب ۽ ٻيون بنيادي سهولتون پڻ ميسر آهن، ڪوشش آهي تہ ٻارڙن کي بهتر تعليمي ماحول ملي.

مَي 21, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو