خيبر پختونخواهه مان پوليو جا وڌيڪ ٻه ڪيس سامهون اچي ويا

پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي مختلف ضلعن مان پوليو جا وڌيڪ ٻه ڪيس سامهون اچي ويا.
اختيارين موجب پاڪستان ۾ هلندڙ سال رپورٽ ٿيندڙ پوليو ڪيسن جو انگ 10 ٿي ويو آهي.
نوان ڪيس لڪي مروت ۽ بنون مان سامهون آيا.
اختيارين جو چوڻ آهي ته هن سال خيبر پختونخواهه مان 5، سنڌ مان 4 ۽ پنجاب مان هڪ پوليو ڪيس رپورٽ ٿيو آهي.