جي ايڇ ڪيو ۾ فيلڊ مارشل عاصم منير جي مان ۾ گارڊ آف آنر جي خاص تقريب

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) جي ايڇ ڪيو ۾ شهيدن جي يادگار تي فيلڊ مارشل عاصم منير جي اعزاز ۾ خاص گارڊ آف آنر جي تقريب رٿي وئي.
آءِ ايس پي آر موجب فيلڊ مارسل عاصم منير گارڊ آف آنر جي خاص تقريب ۾ شهيدن جي يادگار تي گل رکيا ۽ فاتحه خواني ڪئي.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته فيلڊ مارشل اهو اعزاز سڄي قوم، پاڪ فوج، سول، هٿياربند فوجن، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن، خاص طور شهيدن ۽ غازين جي نالي ڪيو.