9 شڪارپُوريُون ــ هڪ شڪارِي پُور
ياسر قاضي
شڪارپور جو نالو اُچارڻ سان اسانجي ذهنن ۾ سنڌ جو سهڻو تاريخي شهر، ساميءَ توڙي کيئل داس فانيءَ ۽ شيخ اياز جي جنم ڀومي، آچار جو شهر شڪارپور ذهن ۾ اچي ٿو، جيڪو هن وقت ته لاڙڪاڻي ڊويزن جو اهم ضلعو آهي، پر ان جي ضلعي واري حيثيت لاڙڪاڻي جي ضلعي واري حيثيت کان به آڳاٽي آهي ۽ ڪنهن دؤر ۾ هاڻوڪي لاڙڪاڻي توڙي قنبر ــ شهدادڪوٽ ضلعي وارا علائقا پڻ شڪارپور ضلعي ۾ شامل هئا. 1843ع ۾ جڏهن انگريز سنڌ تي قبضو ڪري ان کي بمبئي پريزيڊنسيءَ سان ڳنڍي ڇڏيو، تڏهن هن شڪارپور کي ضلعي جو درجو ڏنو. جڏهن ته لاڙڪاڻي کي ضلعي جو درجو شڪارپور کان 58 سال پوءِ، پهرين آگسٽ 1901ع تي مليو. وچ ۾ ڳچ عرصو شڪارپور جي ضلعي واري حيثيت ختم ڪئي وئي، جيڪا کيس 1977ع ۾ وري واپس ملي. ان کان اڳ شڪارپور، سکر ضلعي جو تعلقو هو. هن وقت شڪارپور ضلعو 4 تعلقن (شڪارپور، ڳڙهي ياسين لکي ۽ خانپور) تي ٻڌل آهي. پر ڇا اوهانکي معلوم آهي؟ ته دنيا ۾ ”شڪارپور“ رڳو اها هڪڙي ناهي، بلڪه رڳو ننڍي کنڊ اندر ئي 9 ٻيا شهر، ڳوٺ ۽ نگريون ”شڪارپور“ جي نالي سان موجود آهن، جن مان 3 شڪارپوريون ته رڳو هڪڙي ڀارتي رياست ’اترپرديش‘ ۾ واقع آهن. جڏهن ته ٻه شڪارپوريون ’بِهار‘ رياست ۾ واقع آهن. پاڻ واري شڪارپور سميت، لڳ ڀڳ انهن سمورن شهرن جي نالي رکڻ جو ڪارڻ (وَجهِ تَسمِيه) ڪنهن زماني ۾ انهن شهرن جي آسپاس شڪارگاهن جو هجڻ ٻڌايو وڃي ٿو. شڪار جُون جايون هجڻ ڪري انهن شهرن، ڳوٺن توڙي وسندين جا نالا ’شڪارپور‘ پيا.
شڪارپور نالي انهن سمورين نگرين جو وچور هن ريت آهي:
1 ــ شڪارپور (واقع: ڀارتي صوبو ــ بِهار، ضلعو ’پشچم چمپارن‘)
2 ــ شڪارپور (ڀارتي رياست بِهار جي ضلعي سارڻ جي تعلقي سونپور جو هڪ ڳوٺ)
3 ــ شڪارپور (ڀارتي رياست اترپرديش جو هڪ شهر / تعلقو)
4 ــ شڪارپور (ڀارتي رياست اترپرديش جي مظفرنگر ضلعي جو هڪ ڳوٺ)
5 ــ شڪارپور (ڀارتي رياست اترپرديش جي جونپور ضلعي جو هڪ ڳوٺ)
6 ــ شڪارپور (ڀارتي صوبي گجرات جو هڪ ڳوٺ)
7 ــ شڪارپور (ڀارتي صوبي اولهه پنجاب جو هڪ ننڍو ڳوٺ)
8 ــ شڪارپور (ڀارتي صوبي اولهه بنگال جو هڪ ننڍڙو ڳوٺ)
9 ــ شڪاري پور (ڀارتي صوبي ڪرناٽڪ جو هڪ شهر)
1 ــ شڪارپور (واقع: ڀارتي صوبو ــ بِهار، ضلعو ’پشچم چمپارن‘): شڪارپور، هندوستان جي رياست بِهار جي ضلعي ”پشچم چمپارن“ جي ”سڪتا“ تعلقي (سب ڊويزن) جو هڪ اڳوڻو اسيمبلي تڪ آهي، جيڪو شيڊول ڪاسٽ (اقليت) لاءِ مخصوص هو. هي تڪ ’اهو بگها لوڪ سڀا‘ حلقي جو حصو هو. هندوستان جي حد بندي ڪميشن جي حڪمن جي نتيجي ۾، شڪارپور اسيمبلي حلقي جو وجود 2010ع ۾ ختم ٿي ويو. هن شڪارپور جي آبادي 4 هزار201 آهي.
2 ــ شڪارپور (ڀارتي رياست بِهار جي ضلعي سارڻ جي تعلقي سونپور جو هڪ ڳوٺ): شڪارپور نالي هي ڳوٺ، ساڳئي ڀارتي رياست بِهار جي ضلعي سارڻ جي سونپور تعلقي ۾ واقع آهي. هي ڳوٺ سونپور شهر کان تقريباً 10 ڪلوميٽر پري آهي. 2024ع ۾ هن ڳوٺ جي آباديءَ جو اندازو لڳ ڀڳ 8 هزار 589 لڳايو ويو. هتي پڙهيل لکيل ماڻهن جي شرح 46 سيڪڙو جي لڳ ڀڳ آهي. هن ڳوٺ ويجھو ’هريهر ناٿ مندر‘ واقع آهي. روايتن مطابق هي مندر شري رام تعمير ڪرايو هو. هن شڪارپور جي پسگردائيءَ ۾ ’ڪارتيڪ پورڻما‘ جي موقعي تي (نومبر ۽ ڊسمبر جي مهينن دؤران) ”هريهر ڪشيتر“ نالي سان سونپور جو مشهور مال جو ميلو به منعقد ڪيو ويندو آهي. روايت آهي ته هي ميلو ويدڪ دؤر کان لڳندو پيو اچي.
3 ــ شڪارپور (ڀارتي رياست اترپرديش جو هڪ شهر / تعلقو): شڪارپور، اتر پرديش جو هڪ اهم شهر آهي، جيڪو ’بلندشهر‘ نالي ضلعي ۾ واقع ان جو هڪ تعلقو آهي، جنهن ۾ 182 ڳوٺ ۽ 3 شهر شامل آهن. تاريخي طور تي، هي علائقو گور برهمڻن جي آباديءَ تي ٻڌل آهي، جيڪي پانڊوَن جي دؤر کان هتي رهن ٿا. هن شڪارپور جو پراڻو نالو ’گووندپور ڪنتيان‘ هو، جيڪو وقت سان تبديل ٿيندو هاڻي ”شڪارپور“ بڻجي ويو آهي. هي شهر نه صرف تاريخي لحاظ کان اهميت رکي ٿو، پر ان جي آبادي، تعليم ۽ ثقافتي گھڻ رنگائي به ان کي نمايان بڻائن ٿا. 2024ع جي آدمشماريءَ جي اندازي مطابق، هن شڪارپور جي آبادي هاڻي اٽڪل 5 لک 17 هزار آهي. هتي 83.36 سيڪڙو هندو ۽ 16.33 سيڪڙو مسلمان رهن ٿا. ان کانسواءِ هتي عيسائي، سِک، جين ۽ ٻين مذهبن جا پيروڪار به رهن ٿا.
4 ــ شڪارپور (ڀارتي رياست اترپرديش جي مظفرنگر ضلعي جو هڪ ڳوٺ): 5 هزار 840 ماڻهن جي آباديءَ تي ٻڌل هي به اتر پرديش جي مظفر نگر ضلعي جي ٻڍاڻا تعلقي ۾ واقع شڪارپور نالي هڪ ڳوٺ آهي، جنهن ۾ 3 هزار 135 مرد ۽ 2 هزار 705 زائفائون رهن ٿيون. جيڪو پنهنجي تاريخي اهميت ۽ ثقافتي ورثي جي ڪري سڃاتو وڃي ٿو. هي ڳوٺ ’هندون نديءَ‘ جي ساڄي ڪپ تي آباد آهي، جيڪو پنهنجي سرسبز زرعي زمينن جي ڪري پڻ مشهور آهي. هتي مغل بادشاهه همايون جي دؤر ۾ تعمير ٿيل هڪ قلعو ۽ مسجد به موجود آهن. بعد ۾ هي قلعو پنڊت جئه ديال سنگهه خريد ڪيو، جنهن جي وارثن قلعي جي ڀرسان هڪ مندر به تعمير ڪيو. هي قلعو هاڻي به مقامي تاريخ ۽ ثقافت جو اهم مرڪز آهي. هن شڪارپور جي آسپاس ڪيترائي ڳوٺ واقع آهن، جن ۾ راجپور، چاجپور، ڪامرو الدين نگر، هريا کيرا، درگنپور، بيرال، بهرام ڳڙهه، ڳڙهي نؤآباد، جيتپور، ڪروا، کيري گني، محمّدپور رئيسنگھه وغيره شامل آهن.
5 ــ شڪارپور (ڀارتي رياست اترپرديش جي جونپور ضلعي جو هڪ ڳوٺ): 312 ڪٽنبن جي لڳ ڀڳ 2000 ماڻهن (هڪ هزار 112 مردن ۽ 978 نارين) تي مشتمل، ڀارتي رياست اتر پرديش جي جونپور ضلعي جي ’ڪرنجا ڪالا‘ بلاڪ ۾ واقع هن اهم ڳوٺ شڪارپور جا اڪثر ماڻهو يا ته زراعت تي گذران ڪن ٿا، يا گھريلو صنعتن تي. هي ڳوٺ تعليمي، سماجي ۽ معاشي لحاظ کان مسلسل ترقي ڪري رهيو آهي. ان جي جاگرافيائي بيهڪَ، تعليمي ادارا ۽ سماجي گھڻ رُخائي ان کي ضلعي جي ٻين ڳوٺن کان ممتاز بڻائن ٿا. شڪارپور جي ويجهن ڳوٺن ۾ جمالپور، ديرا يوسف، لالمانپور، ۽ خان پٽي شامل آهن، جيڪي شڪارپور سان مقامي سماجي ۽ اقتصادي لاڳاپن کي مضبوط ڪن ٿا.
6 ــ شڪارپور (ڀارتي صوبي گجرات جو هڪ ڳوٺ): شڪارپور، هندوستان جي گجرات جي ڪڇ ضلعي جي ”ڀچاؤ“ تعلقي ۾ هڪ ڳوٺ آهي، جيڪو پنهنجي قديم آثارن جي ڪري مشهور آهي. هن ڳوٺ جي ويجهو ”ولميو ٽيمبو“ نالي هڪ اهم آثار قديمه جو ماڳ آهي. سنڌو ماٿري تهذيب سان لاڳاپيل اهو ماڳ تازي ڪيل کوٽائيءَ مان دريافت ٿيو آهي، جنهن کي ’هَڙپا‘ سان سلهاڙيل ماڳن ۾ شامل ڪيو ويو آهي. 1987ع کان 1989ع ۽ وري 2007ع کان 2008ع تائين، گجرات اسٽيٽ آرڪيالاجي کاتي ۽ مهاراجا سياهجي رائو يونيورسٽي، وڊودرا جي ماهرن هن ماڳ تي کوٽايون ڪيون. انهن کوٽايُن دؤران کين، 3.4 هيڪٽر تي پکڙيل هڙپا دؤر جي اها وسندي ملي، جتي خاص طور دستڪاريءَ ۽ اوزارن جي تياريءَ جا ثبوت مليا آهن. هن ڳوٺ شڪارپور ۾ هڪ قلعو به آهي، جيڪو گھڻو پراڻو ناهي ۽ 19 صديءَ ۾ ٺاهيل ٻڌايو وڃي ٿو. جنهن قلعي اندر ٽن مسلمان بزرگن: ’پٿا‘، ’گبانشا ملتاني‘ ۽ ’عاصبه‘ جا مقبرا پڻ موجود آهن. (جيتوڻيڪ اهي نالا مسلمانن جا ڪونه ٿا لڳن.) ’پٿا‘ بابت چيو وڃي ٿو ته سنڌ کان اوڏانهن ويو هو. انهن ٽنهي جا مقبرا قلعي اندر سادين عمارتن ۾ ٺهيل آهن. ياد رهي ته 8 صدي عيسويءَ کانپوءِ تائين هاڻوڪي ڀارتي صوبي گجرات جو ڪجھه حصو سنڌ جي انتظام هيٺ رهي چڪو آهي، پر شڪارپور جو هي قلعو 19هين صديءَ جو (فقط ٻه صديون اڳ جو) ٻڌايو وڃي ٿو.
7 ــ شڪارپور (ڀارتي صوبي پنجاب جو هڪ ننڍڙو ڳوٺ): هي شڪارپور، پنجاب جي ضلع ڪپورٿلا جي سلطانپور لوڌي تعلقي ۾ واقع هڪ مشهور ڳوٺ آهي، جيڪو پنهنجي زرعي سرگرمين ۽ مقامي ثقافت سبب مشهور آهي ۽ هتان جي مقامي معيشت جو اهم حصو هارپو آهي. هتي ڪڻڪ، ساريون، مڪئي، ڪمند سميت مختلف ڀاڄيون ۽ ميوا پوکيا وڃن ٿا ۽ مڇي پالڻ جا فارم پڻ موجود آهن. انتظامي طور تي، هن شڪارپور ڳوٺ جو انتظام هڪ چونڊيل سرپنچ جي نگرانيءَ هيٺ هلايو ويندو آهي، جيڪو ڳوٺ جي ماڻهن پاران چونڊيو ويندو آهي.
8 ــ شڪارپور (ڀارتي صوبي اولهه بنگال جو هڪ ننڍڙو ڳوٺ): هي ڳوٺ ڀارت جي رياست اولهه بنگال جي ضلعي ’ڪُوچ بهار‘ جي ’ماتاڀانگا ــ1‘ بلاڪ ۾ واقع هڪ ڳوٺ ۽ گرام پنچائت آهي، جيڪو مرڪزي شهر ڪُوچ بهار کان 45 ڪلوميٽر پري آهي. هي ڳوٺ ضلعي جي اتر ــ اوڀر حصي ۾ واقع آهي ۽ ماتاڀانگا تعلقي جي انتظامي دائري ۾ اچي ٿو. جنهن کي مقامي ماڻهو هندوستان جي مختلف ڀاڱن ۾ لهجي جي فرق سبب ”سڪارپور“ به چون.
9 ــ شڪاري پور (ڀارتي صوبي ڪرناٽڪ جو هڪ شهر): هي نالو شڪارپور نالي باقي شهرن کان ٿورو مختلف ”شڪاري + پور“ (شڪارين جي جاءِ) آهي. جنهنکي ”شڪاري پُوره“ به چيو ويندو آهي. هي شڪاري پور، هندوستاني رياست ’ڪرناٽڪ‘ جي ’شيواموگا‘ ضلعي جو هڪ وڏو شهر ۽ شڪاري پور تعلقي جو هيڊ ڪوارٽر آهي ۽ ”شيو شرناس“ جي زمين طور سڃاتو وڃي ٿو. شڪاري پور ’ماليناڊو‘ خطي جي گرم ايراضيءَ وارن (ٽراپيڪل) ٻيلن جي آسپاس واقع آهي. شڪاري پور، اتر ڪرناٽڪ کي ’ماليناڊو‘ سان ڳنڍي ٿو. ’ڪمادوتي ندي‘ هن شهر مان وهي ٿي. هن شهر جي آسپاس ’باليگوي‘، ’ادوتادي‘، ’جوگ فال‘، ’لينسفوري‘ ۽ ’اگمبي‘ جهڙا سياحتي ماڳ پڻ آهن. شڪاري پور تعلقي ۾ لڳ ڀڳ 175 ڳوٺ شامل آهن. شڪاري پور شهر جي آبادي لڳ ڀڳ 36 هزار آهي.
مَي 20, 2025