ڄامشورو ۾ نوجوان ڪرڪيٽر راڻا ڪاليا بروهي کي هٿياربندن 20 هزار روپيا ۽ موبائيل فون ڦرائڻ تي احتجاج، واپسي تائين ڌرڻو جاري رکڻ جو اعلان

ڄامشورو (رپورٽ: محمد وارث) ڄامشورو شھر جي نوجوانن کي اسپورٽس ڪرڪيٽ راندين کي ھٿي وٺرائندڙ نوجوان ڪرڪيٽ جي بھترين رانديگر راڻا ڪاليا بروھي کان نامعلوم موٽرسائيڪل سوار ھٿيار بندن 20 ھزار روڪ رقم ۽ موبائل فون ڦر ڪرڻ بعد فرار متاثر نوجوان جو احتجاج
ڄامشورو شھر اندر ڪرڪيٽ راند کي بھترين ھٿي وٺرائيندڙ نوجوان ڪرڪيٽ راند جو بھترين رانديگر شھر اندر مختلف علائقن ۾ بھترين ٽورنامنٽ لڳرائيندڙ نوجوان راڻا ڪاليا بروھي ڪالھ رات دير سان پنھنجي دوستن سان گڏ حيدرآباد کان ھڪ موٽرسائيڪل تي سوار ٿي ڄامشورو اچي رھيا ھئا
آر بي بي ڪالوني لڳ ڄامشورو حيدرآباد روڊ تي 5 نمبر ناڪي وٽ 125 موٽرسائيڪل سوار ھٿياربندن ھن کي يرغمال بڻائي روڪ رقم موبائيل فون ڦر فرار ٿي ويا متاثر نوجوان ان جي دوستن طرفان ڄامشورو حيدرآباد روڊ تي احتجاج ڪيو بعد ۾ ڄامشورو ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب پھچي احتجاج ڪندي چيو آھي اسان ڪالھ مزدوري ڪري واپس اچي رھيا سين تـ اسان کي آربي بي ڪالوني وٽ اسان کي 125 موٽرسائيڪل سوار ھٿياربندن اسان کي ھٿيارن جي زور تي مونکا 5 ھزار روڪ رقم مدثر چانڊيو 10 ھزار روڪ رقم ۽ ھڪ موبائل فون اوپو s 3 سيٽ ۽ ٻئي دوست ساحل ڪوري کان 5 ھزار روڪ رقم اسان کان ٽوٽل رقم 20 ھزار ۽ موبائل فون سيٽ ڦر ڪري فرار ٿي وياآھن
اسان ان وقت واقعي واري ھنڌ احتجاج ڪيو ھو ان وقت پوليس اسان سان ڳالھيون ڪيون ھيون جلد رڪوري ڪرائڻ جي پر اڃا تائين ڦريل رقم واپس ناھي ڪرائي وئي ھنن چتاء ڏيندي چيو تـ جيڪڏھن اسان کي ڦر ڪيل رقم واپس نـ ٿي تـ ھاڻي اڄ اڱاري ڏھاڙي تي 12 وڳي تي سيوھڻ روڊ لمس گيٽ وٽ ڦر ٿيل واقعي خلاف ڏرڻو ھنيو ويندو.
مَي 20, 2025