سڪرنڊ: ڳوٺ دنگ جي سرڪاري اسپتال ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ، ڊاڪٽر نه هجڻ سبب ڳوٺاڻن جو احتجاج

سڪرنڊ ( رپورٽ: راج ڪماراوڏ) سڪرنڊ ڀرسان قديمي ڳوٺ دنگ جي سرڪاري اسپتال ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ ۽ ڊاڪٽر نه هئڻ خلاف رھواسين محمد الياس جوڻيجو غلام شبير انڙ شوقين انڙ گونر خاصقيلي محمد علي انڙ دلشاد انڙ ڪامران انڙ ۽ اسپتال اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته اسان جي ڳوٺ دنگ ۾ قائم ڊسپينسري مسئلن جي ور چڙھيل آهي
جڏهن ته اسپتال کي قائم ٿيندي 25 سالن کان ڊسپينسري ۾ ايم بي بي ايس ڊاڪٽر مقرر نه ٿي سگهيو آهي نه ئي وري اسپتال ۾ دوائون آهن هنن دانهيندي چيو ته اسپتال اندر ايڪسري ۽ ليباٽري به ناهي آھي حڪومت جون صحت جون دعوائون صرف بيانن تائين آهن جڏهن تي ڳوٺ دنگ جي اسپتال ۾ پري پري جا رهواسي عورتون توڙي مرد ٻار پري پري جو بند ڪري اچن ٿا نه ڊاڪٽر نه دوائون ھڪ ڊسپينسر آھي
انهيَ جي به ڪڏهن پوليو ۾ ڊوٽي تي ڪڏهن ميٽنگ ۾ ھليو وڃي ۽ ايندڙ مريض قھر جھڙي گرمي ۾ اچن ٿا ته اسپتال ۾ نه ڊاڪٽر آهي نڪو ٻيو عملو نه ھجڻ جي ڪري مايوس ٿي موٽيو وڃن يا عطائي ڊاڪٽرن جي ور چڙهن ٿا ياد رھي 1992 ۾ ڊسپينسري دنگ جي بلڊيگ تيار ٿيل آ اج تائيـن ان جي مرمت نه ٿيڻ جي ڪري در دريون اڏوھي کائي وئي آھي
۽ چوديواري به تباه ٿي وئي آ 33سالن ۾ ڊسپينسري دنگ کي ڪوبه ايم بي بي ايس ڊاڪٽر نه مليو آ جنهن کي ھڪ ڊسپينسر ھلائي رھيو آھي جڏهن تي ڳوٺ دنگ مصري خان کوسو جيئند چانڊيو الھداد چانڊيو جان محمد جانڊيو پتاشو خاصخيلي نصير انڙ نيڪ کوسو لالبخش چانڊيو نظير حسين چانڊيو ۽ ٻين ڳوٺن جي ماڻھـن کي ڊسپينسري دنگ مان ڪوب لاڀ ملي نه سگھيو ڳوٺاڻن وس وارن کي اپيل ڪئي تي ڊسپينسري دنگ جي مرامت ڪرائي ۽ ايم بي بي ايس ڊاڪٽر ۽ دعوائون ڏنو وڃن نه تي اسان احتجاجن پوليو جو بائيڪاٽ ڪنداسين.
مَي 20, 2025