سکر: اسٽيپ فائونڊيشن سکر جي نئين باڊي چونڊجي وئي، اعجاز شاهه صدر ۽ غلام مجتبيٰ زنگيجو جنرل سيڪريٽري مقرر

سکر (رپورٽ:امداد گل ڪلوڙ) ڏکايل انسانيت جي خدمت لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيم، اسٽيپ فائونڊيشن ضلعي سکر جو صدر، اعجاز شاهه ۽ جنرل سيڪريٽري غلام مجتبيٰ زنگيجو، پريس ترجمان اشفاق احمد کوسو، چونڊيا ويا.اسٽيپ فائونڊيشن ضلعي سکر جي نون چونڊيل عهديدارن مرڪزي چيئرپرسن ميڊم شائستہ بلوچ جي بي مثال قيادت ۾ تنظيمي ڪم کي بهترين ممڪن طريقي سان ڪرڻ جو عزم ڪيو آهي.
اسٽيپ فائونڊيشن ضلعي سکر جي سالياني چونڊون چيئرپرسن شائستہ بلوچ، مرڪزي اڳواڻن نصير حسين شاهه ۽ ولي محمد ڀيو جي نگراني ۾ منعقد ٿيون. جنهن ۾ سکر ضلعي باڊي ۾ صدر اعجاز شاهه، سينيئر نائب صدر خوشي محمد شيخ، نائب صدر ڪامران بهڻ، جنرل سيڪريٽري غلام مجتبيٰ زنگيجو، جوائنٽ سيڪريٽري ديدار چانڊيو، پريس سيڪريٽري اشفاق کوسو ۽ انفارميشن سيڪريٽري ساجد مهر چونڊيا ويا.
ان موقعي تي چيئرپرسن ميڊم شائستہ بلوچ چيو ته عهدو هڪ ذميواري آهي ۽ جڏهن هي عهدو خدا جي مخلوق جي خدمت لاءِ آهي ته اڄ انسان وڌي رهيا آهن پر انسانيت ختم ٿي رهي آهي. ناانصافي ۽ تشدد جا واقعا تيزي سان وڌي رهيا آهن، ۽ اسٽيپ فائونڊيشن هميشه الله جي رضا لاءِ ڏکايل انسانيت جي خدمت ڪئي آهي.
مَي 20, 2025