خدا جو قانون تبديل نه ٿيندو، عورت مرد جو مقابلو نٿي ڪري سگهي: صبا فيصل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان شوبز انڊسٽري جي سينيئر اداڪارا صبا فيصل چيو آهي ته معاشري ۾ طلاقن جو وڌندڙ انگ ان ڪري آهي جو عورتون مڙسن سان مقابلو ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون.
هڪ نجي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي صبا فيصل چيو ته مرد ۽ عورت جو مقابلو زندگي ۾ برابر ٿي نٿو سگهي، مرد کي الله پاڪ خاص مقام ڏنو آهي، ڀلي زمانو بدلجي، خدا جو قانون تبديل نٿو ٿي سگهي.
هن چيو ته شاديءَ ۾ ٻنهي ڌرين وٽ صبر ۽ برداشت جي صلاحيت هجڻ ضروري آهي، جيڪڏهن اها صلاحيت نه هجي ته زندگي ڏکي ٿي پوي ٿي.
اداڪارا جو چوڻ هو ته اڄڪلهه جي طلاقن جو وڏو سبب اهو به آهي ته گهڻيون ڇوڪريون پاڻ مٿان ڌيان ڏيڻ بدران مقابلي واري روش اختيار ڪن ٿيون، جيڪي نقصانڪار ثابت ٿين ٿيون.