ايشيا بيس بال ڪپ: پاڪستان جي ڀارت کي شڪست، سڀاڻي فلسطين سان آخري دنگل

تهران(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڀارت کي 1-14 تان شڪست ڏئي ويسٽ ايشيا بيس بال ڪپ جي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو.
ايران ۾ جاري ٽورنامينٽ ۾ پاڪستان پهرئي اننگ ۾ پانج رنسون ٺاهي ڀارت تي دٻاءُ وجهڻ شروع ڪري ڇڏيو.
ٽئين اننگ ۾ پاڪستان وڌيڪ پنج رنسن سان ميچ کي پنهنجي پڪڙ مضبوط ڪري ورتي، ٿرڊ بيس کيڏندڙ حسين شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو، سينٽر فيلڊر وسيم اڪرم ۽ هٽر محمد ريحان به ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
ٻئي پاسي محمد حارث 4.1 اننگز ۾ 1 رنس ڏئي چار آئوٽ ڪيا، رليف بالرن سيد محب شاهه ۽ حسين امام 2.2 اننگز ۾ 5 آئوٽ ڪري ڀارت کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو.
ڀارتي ٽيم فيلڊنگ ۾ ڏهه غلطيون ڪرڻ سان گڏوگڏ بيٽنگ ۾ به ناڪام رهي، ڀارتي بالرن اٺ واڪ ڏئي پاڪستاني بيٽرن کي وڌيڪ مواقعا فراهم ڪيا، پاڪستان سڀاڻي فائنل ۾ فلسطين سان مهاڏو اٽڪائيندو.