ڇا ڏکڻ ايشيا ۾ پهرين ايٽمي جنگ پاڻيءَ تي ٿيندي؟
محمود عالم خالد
ڏکڻ ايشيا، جتي جي تهذيب هزارين سالن تي پکڙيل آهي، اتي ھن ڌرتيءَ کي جلا بخشيندڙ درياءَ، اڄ سياسي طاقت جي پنجوڙ ۾ ڦاسي رھيا آھن. هندستان ۽ پاڪستان ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ هاڻي ان نقطي تي پهچي چڪي آهي جتي پاڻي جو وهڪرو بارود جي بوءِ نه پر خطرو بڻجي چڪو آهي. ڏکڻ ايشيا ۾ موجود درياءَ نھ رڳو زندگي جو ذريعو آهن بلڪھ اھي هڪ جاگرافيائي ۽ اسٽريٽجڪ اثاثو پڻ آهي، جن تي هندستان ۽ پاڪستان ۾ تڪرار مسلسل وڌي رهيا آهن. ڪجهه سالن ۾ پاڻي جي ورڇ ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ هڪ مرڪزي ڇڪتاڻ طور سامهون آئي آهي، ڪجهه تجزيه نگار ان کي هڪ امڪاني ”پاڻي جي جنگ“ جي شروعات قرار ڏئي رھيا آھن.
1960 ۾ هندستان ۽ پاڪستان عالمي بينڪ جي ٽياڪڙي ۾ ”سنڌ طاس ٺاھ“ ڪيو هو، جيڪا ظاهري طور تي هڪ غيرمعمولي ڪاميابي هئي.ان تحت، ٽي اوڀر وارا درياءَ (راوي، بياس، ستلج) هندستان کي ڏنا ويا ۽ ٽي اولهه وارا درياءَ (سنڌو، جهلم، چناب) پاڪستان کي ڏنا ويا. هي معاهدو ڏهاڪن کان امن جو ٿنڀ رهيو آهي، پر هاڻي ان جا بنياد لڏڻ شروع ٿي ويا آهن.هندستان ڪجهه سالن ۾ بگليهار، رتلي ۽ ڪشن گنگا جهڙا ڊيم ٺاهيا آهن، جيڪي ٽيڪنيڪل طور تي معاهدي جي “حد جي تشريح“ ۾ اچن سگھن ٿا، پر پاڪستان لاءِ اهي قدم پاڻي جي جارحيت جي برابر آهن. جڏهن هندستاني وزيراعظم 2019 ۾ اعلان ڪيو ته ”پاڪستان ڏانهن ويندڙ پاڻي بند ڪيو ويندو،“ تھ اھو صرف هڪ سياسي بيان نه هو، پر هڪ ماحولياتي ۽ معاشي چتاءَ پڻ ھو.
پاڻي جيڪو زندگيءَ جي علامت آهي، هاڻي سياسي سوديبازي جو اوزار بڻجي رهيو آهي. هڪ پاسي هندستان ان کي زراعت ۽ توانائي لاءِ استعمال ڪرڻ چاهي ٿو، جڏهن ته ٻئي پاسي پاڪستان لاءِ هي پاڻي زراعت جي بقا ۽ 24 ڪروڙکان وڌيڪ ماڻهن جي خوراڪ جي حفاظت جي ضمانت آهي. سنڌو درياءَ جي وادي پاڪستان جي معيشت جي ريڙهه جي هڏي آهي ۽ جيڪڏهن هي درياهه سڪڻ شروع ٿئي ٿو ته پاڪستان نه رڳو خشڪ ٿي ويندو پر ملڪ ۾ بک اچي ويندي.پاڻي جي کوٽ صرف هڪ سياسي مسئلو ناهي، پر اهو هڪ ماحولياتي بحران پڻ آهي. هماليه جا گليشيئر جيڪي انهن دريائن جو ذريعو آهن، موسمياتي تبديلي جي ڪري تيزي سان رجي رهيا آهن. ماهرن جو چوڻ آهي ته ايندڙ ٻن ڏهاڪن ۾ انهن گليشيئرن جو 30 کان 40 سيڪڙو حصو غائب ٿي سگهي ٿو. جنهن ڪري درياءَ وقت کان اڳ پاڻي جو وڏو مقدار آڻيندا، جنھن سان ٻوڏ جو خطرو وڌندو ۽ ستت ئي پاڻي لھڻ سبب ڏڪار بھ ظاھر ٿيندي. نھ رڳو ايترو پر پاڪستان جو ڏاکڻون حصو خاص طور تي سنڌ ۽ بلوچستان، پاڻي جي وهڪري ۾ گهٽتائي جي ڪري ريگستان ۾ تبديل ٿيڻ جو خطرو آھي.
اھڙي صورتحال سبب ڪيتريون ئي شيون زوال پذير آهن، جن ۾ مڇي، جهنگلي جيوت ۽ دريائي نباتات يعني وڻ ٽڻ ۽ ٻوٽاشامل آهن. هي صرف ”پاڻي جو بحران“ ناهي، پر ماحولياتي زوال جو شروعاتي نُڪتو آهي. گڏيل قومن جي مطابق پاڻي جي کوٽ سڌي طرح تڪرار ۽ لڏپلاڻ سان ڳنڍيل آهي. پاڪستان ۾سنڌ ۽ بلوچستان ۾ پاڻي جي کوٽ سبب اڳ ۾ ئي هاري ناري لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور آھن. جيڪڏهن پاڻي جي کوٽ وڌي ٿي ته ڳوٺاڻي زندگيءَ ۾ بدامني، بيروزگاري ۽ سياسي عدم استحڪام جي لھر پيدا ٿيڻ جو خطرو موجود آھي. ٻئي طرف هندستان ۾ پاڻي جي کوٽ خود ھندستان لاءِ هڪ اندروني چئلينج آهي، خاص طور تي دهلي، مهاراشٽر ۽ مڌيا پرديش ۾ ان جي منفي اثر ظاھر ٿيندا. اهڙي صورتحال ۾ سرحد پار درياءَ جي وهڪري کي روڪڻ هڪ جذباتي سياسي نعرو ٿي سگهي ٿو. پر نتيجو خطي جي ٻنهي ملڪن لاءِ تباهه ڪندڙ هوندو.
1997ع جي ”گڏيل قومن جي ڪنوينشن آن دي لا آف دي نان نيويگيشنل يوزيز آف انٽرنيشنل واٽر ڪورسز“ اهو واضح ڪري ٿو ته سرحد پار درياءَ هڪ عام گڏيل اثاثو آهن ۽ ان جي استعمال ۾ انصاف برابري ۽ ڪنھن کي بھ نقصان نه پهچڻ ( نو ھارم) جا اصول لاڳو ٿين ٿا.هي ڪنوينشن 21 مئي 1997 تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي پاران منظور ڪيو ويو. ان جو مقصد بين الاقوامي دريائن ۽ پاڻي جي رستن جي غير بحري استعمال بابت قانوني اصول جوڙڻ ھو، جهڙوڪ آبپاشي، توانائي، پاڻي جي ورڇ، ماحولياتي تحفظ وغيره کي نظر ۾ رکندي قانون ترتيب ڏيڻ شامل ھو. پر نه ته هندستان ان ڪنوينشن جو حصو آهي ۽ نھ ئي پاڪستان ان ۾ شامل آھي. گڏيل دريائن تي ”انصاف ڀرئي ۽ معقول استعمال“ جي اصول ٻئي ملڪ کي ”ڪنھن خاص نقصان نه پهچڻ“ جي اصول، معاهدي ۾ سھڪار ، معلومات جي ڏي وٺ ۽ تڪرارن جو حل ۽ طريقا ان جي معاهدي جا بنيادي اصول آهن.
پاڪستان ڪنوينشن جي حق ۾ ووٽ ڏنو ھو پر اڃا تائين ان تي صحيح يا ان جي توثيق نه ڪئي آهي. هندستان ان ڪنوينشن جي خلاف ووٽ ڏنو ھو ۽ اھو بھ ان ۾ ڌر نه آهي. يعني ٻئي ملڪ اڃا تائين ان ڪنوينشن جا پابند نه آهن ۽ تنهن ڪري بين الاقوامي سطح تي دريائن جي حقن ۽ ذميدارين جي حوالي سان هڪ قانوني خلا موجود آهي. 2024 تائين، صرف 37 ملڪن ان ڪنوينشن جي تصديق ڪئي آهي ۽ اهو 2014 ۾ لاڳو ٿيو (35 تصديقن کان پوءِ). جڏهن ته وڏن ملڪن جھڙوڪ چين، ترڪي، هندستان، پاڪستان ۽ مصر جهڙا وڏا ملڪ ان جو حصو نه آهن. سوال اهو آهي ته جڏهن عالمي ادارا وڏي پيماني تي پاڻي جي انصاف جي ضمانت نٿا ڏئي سگهن، ته ڇا اسان صرف ٻه طرفي اخلاقيات تي ڀاڙي سگهون ٿا ؟
اها هڪ اٽل حقيقت آهي ته جڏهن پاڻي جھڙي قدرتيءَ وسيلن تي ٻن ايٽمي ملڪن ۾ دشمني ان حد تائين وڌي وڃي تھ قومي سلامتي سان ڳنڍجي وڃي، ته نتيجو صرف سفارتي ڇڪتاڻ نٿو رھي پر اھو فوجي پوزيشن، جنگي بيان بازي ۽ آخرڪار ايٽمي هٿيارن جي ڌمڪي تائين پھچي وڃي ٿو.پاڪستان ۽ هندستان ٻئي ايٽمي طاقتون آهن. 2019 کان وٺي، ٻنهي ملڪن جي ۾ ڪنٽرول لائن جي پار ڪيترائي ڀيرا فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي آھي ۽ هڪ موقعي تي، هندستان هڪ سرجيڪل اسٽرائڪ ڪئي، جڏهن ته پاڪستان هوائي حملي سان جواب ڏنو. جيڪڏهن ان قسم جي ڇڪتاڻ پاڻي جهڙي حساس مسئلي سان ٿي پئي، ته پوءِ اهو تصور ڪرڻ لاءِ ڪنھن راڪيٽ سائنس جي ضرورت ناهي ته ڪنھن معمولي فني يا فوجي غلط فهمي جي نتيجي ۾ ايٽمي ٽڪراءُ جو امڪان پڻ موجود ٿي سگهي ٿو.
ماھر خبردار ڪري چڪا آھن ته ”جيڪڏهن پاڻي جو مسئلو حل نه ٿيو ته، اھو ڏکڻ ايشيا ۾ پهرين ايٽمي جنگ جو بنياد بڻجي سگهي ٿو.“ هن جنگ جو دائرو نه رڳو فوجي تنصيبات تائين، پر لکين شهرين.ماحوليات، معيشت ۽ ايندڙ نسلن تائين پکڙجي ويندو. ايٽمي ڌماڪي کان وڌيڪ خطرناڪ اھو سياسي ضد ھوندو آھي، جيڪو پاڻي کي ٻارڻ ۾ تبديل ڪري ڇڏيندو. پاڻي کي جنگ جو ذريعو بڻائڻ بدران، اسان ان کي امن جو بنياد بڻائي سگهون ٿا.
گڏيل ڊيم، پاڻي جي تحقيق جا مرڪز، ۽ موسمياتي هم آهنگي جا منصوبا خطي ۾ اعتماد جي فضا پيدا ڪري سگهن ٿا. جيڪڏهن درياهه جي رواني ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، رابطي ۽ لاڳاپي جو ذريعو بڻجي وڃي ته شايد بارود جي بوءِ درياهه جي خوشبوءَ ۾ تبديل ٿي سگهي ٿي.اڄ ڏکڻ ايشيا هڪ اهڙي ٻھ واٽي تي بيٺو آهي جتي درياهه جو هر ڦڙو فيصلائتو آهي. جيڪڏهن اھو قطرو امن جو آهي ته خوشحالي ايندي، پر جيڪڏهن اهو ئي قطرو ڪاوڙ، انا ۽ طاقت جو شڪار ٿي وڃي ته تاريخ اسان کي معاف نه ڪندي. پاڻي جي جنگ ڪنھن فاتح کي نه، پر صرف اڃايل ماڻهن کي جنم ڏيندي. ڇا اسين درياءَ کي دشمن بڻائينداسين يا دوست؟
ماھر خبردار ڪري چڪا آھن ته ”جيڪڏهن پاڻي جو مسئلو حل نه ٿيو ته، اھو ڏکڻ ايشيا ۾ پهرين ايٽمي جنگ جو بنياد بڻجي سگهي ٿو.“ هن جنگ جو دائرو نه رڳو فوجي تنصيبات تائين، پر لکين شهرين.ماحوليات، معيشت ۽ ايندڙ نسلن تائين پکڙجي ويندو. ايٽمي ڌماڪي کان وڌيڪ خطرناڪ اھو سياسي ضد ھوندو آھي، جيڪو پاڻي کي ٻارڻ ۾ تبديل ڪري ڇڏيندو. پاڻي کي جنگ جو ذريعو بڻائڻ بدران، اسان ان کي امن جو بنياد بڻائي سگهون ٿا.
مَي 19, 2025