پاڪ-ڀارت سان جنگ بندي برقرار رهندي يا نه؟ ڊي جي آءِ ايس پي آر ٻڌائي ڇڏيو

Spread the love

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ جنگ بندي برقرار رهڻ جي اميد ظاهر ڪئي آهي.

آمريڪي اخبار کي ڏنل انٽرويوءَ ۾ پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته پاڪ ڀارت هاٽ لائين کليل آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي سينئر آفيسرن وچ ۾ رابطو جاري آهي، تنهنڪري اميد آهي ته سرحد تي امن قائم رهندو.

هن چيو ته ڀارتي حملن کانپوءِ پاڪستان جاني ۽ مالي نقصان بابت هميشه شفاف رهيو آهي ۽ اميد آهي ته ڀارت به اهڙي ئي سنجيدگي جو مظاهرو ڪيو هوندو.

ترڪ خابرو کي ڏنل هڪ ٻئي انٽرويو ۾ ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته پاڪستان هن وقت دنيا جو سڀ کان وڏو دهشتگردي جو شڪار ملڪ آهي.

هن ٻڌايو ته جنوري 2024ع کان هيل تائين ملڪ ۾ 3700 کان وڌيڪ دهشتگرد حملا ٿيا، سموري دهشتگردي جي سرپرستي ۽ حمايت ڀارت ڪري رهيو آهي.

ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب، 17 مهينن دوران 3896 ماڻهو شهيد ٿيا، جنهن2582 عام شهري ۽ سيڪيورٽي اهلڪار آهن.

پاڪ فوج جي ترجمان ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته ڪير پاڪستان جو پاڻي روڪڻ جي جرئت نه ڪري، ڀارت پاڻي روڪيو ته پاڪستان جي رد عمل جا نتيجا سالن ۽ ڏهاڪن تائين محسوس ڪيا ويندا.

انٽرويو ۾ ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته پاڪستان حڪومت پاڻي جي معاملي تي ڀارت کي واضح ڪري چڪي آهي، فوج طرفان وڌيڪ ڪجهه چوڻ جي ضرورت ناهي، 24 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهن جو پاڻي روڪڻ جو ڪو چريو ماڻهو سوچي سگهي ٿو.

هن چيو ته ڀارت ائين ڪرڻ جي همت نٿو ڪري سگهي، اميد ڪريون ٿا ته اهڙو وقت نه ايندو پر جيڪڏهن آيو ته دنيا اسان جا اپاءَ ڏسندي.

سندس چوڻ هو ته اسان پنهنجي ڪيل واعدن جي مڪمل پاسداري ڪريون ٿا، اسان سياسي حڪومت جي هدايتن کي مڪمل طور تي مڃون ٿا ۽ انهن جي عزم کي مان ڏيون ٿا، پاڪستاني فوج طرفان جنگ بندي برقرار رهندي، ڌرين وچ ۾ رابطي ۾ اعتماد سازي جا اپاءَ ورتا ويا آهن، جيڪڏهن ڀڃڪڙي ٿئي ٿي ته اسان جو جواب هميشه جهڙو هوندو ۽ موقعي تي هوندو، جواب رڳو انهن ئي چوڪين ۽ هنڌن تي هوندو جتان جنگ بندي جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي هجي.

هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مان تصديق ڪري سگهان ٿو ته ڀارت جو ڇهون ڪيرايل جهاز ميراج 2000 آهي، اسان رڳو جهازن کي نشانو بڻايو، وڌيڪ ڪارروائي ڪري سگهون پيا پر اسان صبر جو مظاهرو ڪيو، حملن جي باوجود اسان جا سمورا فضائي اڏا مڪمل طور تي فعال آهن، پاڪ فضائيه وٽ اهڙا وسيلا آهن جن جي مدد سان فوري طور تي اڏن کي فعال ڪري سگهجي ٿو.

ڀارت جي ڪشمير پاليسي، ظلم ۽ ڪشمير کي اندروني معاملو بڻائڻ جي ڪوشش ناڪام ٿي چڪي آهي، جيستائين ڀارت ڳالهيون نٿو ڪري ٻئي ملڪ مسئلي جو حل نٿا ڪڍن، تڪرار جي باهه ڀڙڪڻ جو خطرو موجود رهندو.

ان کانسواءِ روسي خابرو اداري کي انٽرويو ۾ ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چيو ته پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ کي سمجهڻ لاءِ ان جي پس منظر ۾ وڃڻ ضروري آهي، ڀارت هن خطي خاص طور پاڪستان ۾ دهشتگردي جي سرپرستي ڪري رهيو آهي، ڀارت حقيقت لڪائڻ لاءِ ڪوڙي بيانيي پٺيان لڪي رهيو آهي.

هن چيو ته پهلگام واقعي جي ڪجهه منٽن اندر، ڀارتي ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا پاڪستان تي الزام لڳائڻ شروع ڪري ڇڏيا، جڏهن ته معاملي جي سچائي اها آهي ته ٻه ڏينهن اڳ، ڀارتي پرڏيهي آفيس جي ترجمان کان پڇيو ويو ته واقعي ۾ ڪير ملوث آهي، سندس جواب رڪارڊ تي آهي ته جاچ اڃا تائين جاري آهي.

ڊي جي آءِ ايس پي آر سوال ڪيو ته، تحقيق ۽ ثبوتن کان سواءِ الزام هڻڻ ڪٿان جي دانشمندي آهي؟ پاڪستان جي حڪومت واضح موقف اختيار ڪيو ته جيڪڏهن ڪو ثبوت آهي ته اهو ڪنهن غير جانبدار اداري کي ڏنو وڃي، ۽ اسان سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.

هن چيو ته ڀارت هن منطقي آڇ کي رد ڪري ڇڏيو ۽ هڪ طرفي ڪارروائي ڪئي، اسان جي مسجدن تي ميزائل فائر ڪيا، ٻارن، عورتن ۽ بزرگن کي شهيد ڪيو. ڀارتي حملي ۾ 40 شهري شهيد ٿيا، جن ۾ 22 عورتون ۽ ٻار به شامل هئا.

ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته ڀارت جو پاڻ منصف، جج ۽ جلاد بڻجڻ جو هي رويو اصل مسئلو آهي جڏهن ته حقيقت اها آهي ته ڀارت پاڪستان ۾ دهشتگردي جو اصل سرپرست آهي، کڻي اها دهشتگردي خارجي فتني سان واسطو رکندي هجي يا بلوچستان ۾ سرگرم دهشتگرد گروهن سان واڳيل هجي، اهو ئي سندس تڪبر وارو رويو آهي.

ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته جيستائين پاڪستاني هٿياربند فوج جو تعلق آهي، اسان کي جيڪا مقدس ذميواري ڏني وئي آهي اها ملڪ جي خودمختياري ۽ سرحدن جو تحفظ آهي، اسان هي ذميواري پوري ڪئي آهي، ۽ هر قيمت تي اها ذميواري نڀائينداسين.

هن چيو ته پاڪستان، هڪ تمام پختي انداز سان ڪم ڪندي، فوري، مضبوط ۽ اثرائتو جواب ڏنو، دشمن کي حقيقت کي منهن ڏيڻ تي مجبور ڪيو، 6 ۽ 7 مئي جي رات، ڀارت حملو ڪيو، ميزائل فائر ڪيا، جنهن کان پوءِ اسان جي انتهائي پيشيوراڻي هوائي فوج ڀارت جي 5 جهازن کي ڪيرائي ڇڏيو جيڪي عام ماڻهن تي خوفناڪ حملن ۾ ملوث هئا ۽ انهن جا ڪيترائي ڊرون تباهه ڪري ڇڏيا.

پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته اسان جي آخري ڳڻپ موجب 84 ڊرون هئا، پر اصل انگ تمام گهڻو آهي ڇاڪاڻ ته ڪيترن ئي عام ماڻهن انهن ڊرون کي جنگي ٽرافي طور رکيو هو. ڇاڪاڻ ته قوم هن جارحيت خلاف متحد ٿي چڪي هئي، جڏهن ته قوم ۽ پاڪستان جي هٿياربند فوج هڪ شيهي جي ڀت وانگر بيٺي هئي.

هن چيو ته دشمن اسان کي ڊيڄارڻ لاءِ 9 ۽ 10 مئي جي رات وڌيڪ ميزائل فائر ڪيا، پر ڀارتي وساري ويٺا ته پاڪستان جي قوم ۽ ان جون فوجون ڪڏهن به نه جهڪيون آهن ۽ نه ئي انهن کي جهڪائي سگهجي ٿو. 10 مئي جي صبح جو، اسان وڏي ذميواري ۽ احتياط سان هڪ ماپيل جواب ڏنو، صرف انهن جي فوجي هدفن کي نشانو بڻايو، هڪ به شهري هدف کي نقصان نه پهچايو. اهو هڪ مناسب، منصفاڻو ۽ متوازن جواب هو.

ڊي جي آءِ ايس پي آر وڌيڪ چيو ته ڀارتي بچاءُ واري وزارت جي ترجمان پاڻ اچي جنگ بندي جي درخواست ڪئي. اسان امن ۽ استحڪام چاهيون ٿا، تنهنڪري اسان چيو ته ڇو نه؟ اسان جي سفارتي ڪور بهترين ڪم ڪيو، عالمي برادري کي هڪ غير معمولي انداز ۾ وڏي سمجھ سان شامل ڪيو ته اسين تشدد پسند قوم نه آهيون، اسين هڪ سنجيده قوم آهيون، اسان جي پهرين ترجيح امن آهي. آمريڪا جهڙيون وڏيون ۽ عقلمند طاقتون پاڪستاني عوام جي جذبات کي بهتر طور تي سمجهي سگهن ٿيون.

مَي 19, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو