پاڪ-ڀارت جنگ بندي کانپوءِ پهرين اعليٰ سطحي ملاقات، نائب وزيراعظم چين پهچي ويو

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) پاڪ-ڀارت جنگ بندي کانپوءِ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ پهرين اعليٰ سطحي ملاقات اڄ بيجنگ ۾ ٿيندي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چين پهچي ويو آهي، جتي هو پنهنجي چيني هم منصب وانگ اي سان ملاقات ڪندو.
اسحاق ڊار پنهنجي خاص جهاز ذريعي چين جي راڄڌاني بيجنگ پهتو، جتي چيني سرڪاري اهلڪارن پاڪستاني نائب وزيراعظم ۽ سندس وفد جي شاندار آجيان ڪئي.
پاڪستان وفد ۾ افغانستان معاملن بابت خاص نمائندو ِ محمد صادق به شامل آهي.
پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جي چيني هم منصب وانگ اي سان ملاقات ۾ پاڪستان-چين ٻه طرفن لاڳاپن، علائقائي امن ۽ استحڪام سميت عالمي معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿيندي.
ان کانسواءِ پاڪستان، چين ۽ افغانستان جي پرڏيهي وزيرن جي ملاقات به متوقع آهي، ان سلسلي ۾ افغان عبوري پرڏيهي وزير امير خان متقي به سڀاڻي بيجنگ پهچندو.
چين روانگي کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان-ڀارت وچ ۾ تازي ڇڪتاڻ سميت علائقي جي مجموعي صورتحال تي بحث ٿيندو ۽ چين سان لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جون ڪوششون ڪيون وينديون.