”پاڪستان بدران دوزخ وڃڻ پسند ڪندس“ جاويد اختر جي بيان تي پاڪستاني فنڪارن جي ڇتي تنقيد

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مشهور شاعر ۽ گيت ڪار جاويد اختر کي هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان مخالف بيان ڏيڻ تي شوبز شخصيتن طرفان سخت تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي.
گذريل ڏينهن ممبئي ۾ شيو سينا (يو بي ٽي) جي اڳواڻ سنجي راوت جي ڪتاب ”نرڪتلا سورگ“(ڌٻڻ ۾ جنت) جي مهورتي تقريب ۾ شرڪت ڪئي، تقريب ۾ مهارشٽرا جي اڳوڻي وڏي وزير اُڌي ٺاڪري ۽ شرد پوار پڻ موجود هئا.
ان موقعي تي جاويد اختر مٿس ٿيندڙ تنقيد تي خاموشي ٽوڙيندي چيو ته اڄڪلهه کيس پنهنجي راءِ رکڻ سبب نه رڳو مسلمانن پر هندن طرفان به سخت تنقيد کي منهن ڏيڻو پئي ٿو.
جاويد اختر جو چوڻ هو ته اظهار جي آزاديءَ سبب کيس ٻنهي طرفن کان گاريون ملي رهيون آهن، هڪڙا ” ڪافر“ ڪوٺي دوزخ جي باهه ۾ سڙڻ جو ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ۽ ٻيا وري ” جهادي“ چئي پاڪستان وڃڻ جو حڪم ڏين ٿا.
هن چيوته جيڪڏهن دوزخ يا پاڪستان مان ڪنهن هڪ جي چونڊ ڪرڻ جو اختيار سندس هٿ وس هوندو ته هو ” دوزخ “ کي ترجيح ڏيندو.
جاويد اختر مذهبي ۽ سياسي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته ڪجهه ماڻهو ساڻس سخت نفرت جو اظهار ڪن ٿا، پر ساڳئي وقت ڪيئي ماڻهو سندس حمايت به ڪن ٿا.
هن چيو ته جو سرحد جي پاسي ويٺل انتها پسند مون کي گاريون ڏين ٿا، سچ پڇو ته جيڪڏهن هڪ ڌر طرفان گارين جو سلسلو بند ٿي ويندو ته مون کي حيرت ٿيندي ۽ سمجهندس شايد مون کان ڪائي غلطي ٿي ويئي آهي.
هن وڌيڪ چيو ته مان اهڙن ماڻهن جو ٿورائتو آهيان جيڪي مون کي ساراهين ٿا، اتساهين ٿا، پر حقيقت اها آهي ته انتها پسند پاسي مون کي گاريون ڏين ٿا.
جاويد اختر جي بيان تي پاڪستان ۾ سخت ردعمل سامهون آيو آهي، ملڪ جي مشهور شوبز شخصيتن، مشي خان، عمران عباس ۽ شرميلا فاروقي مٿس ڇتي تنقيد ڪئي آهي.
سينئر اداڪاره مشي خان چيو ته ”توهان پنهنجي لاءِ بهترين جاءِ چونڊي آهي، ڇاڪاڻ ته توهان روڳ انهي جا حقدار آهيو، ۽ ها! ڪڏهن به پاڪستان اچڻ جي جرئت نه ڪجانءَ، توهان کي ڪير به دعوت نه ڏيندو“.
اداڪار عمران عباس طنزيه انداز ۾ لکيو ته ”جيڪڏهن هو دوزخ جي چونڊ نه ڪري ها، تڏهن به ايڏانهن ئي وڃي ها، پر شايد گهٽ درجي جي اڪانومي ڪلاس ۾، اسان کيس رڳو بزنس يا پهرين درجي جي ٽڪيٽ ڏني نه ته هو ٻئي ڪلاس جي لائق نه هو.“
انکانسواءِ ٻين پاڪستاني فنڪارن ۽ عوامي حلقن طرفان به جاويد اختر جي بيان تي سخت ردعمل ظاهر ڪيو پيو وڃي.